Thursday , March 28 2024

آدمشماري ۾ غلط بياني ڪندڙ کي 6 مهينا قيد 50 هزار ڏنڊ جي سزا ملندي

mariam1asif-ghafoor

پاڪستان ۾ 15 مارچ کان شروع ٿيندڙ آدمشماري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، آدمشماري جا سمورا مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد اين ايف سي ايوارڊ جو جلد اعلان ڪيو ويندو، مملڪتي وزير ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ميڊيا کي گڏيل بريفنگ ڏيندي چيو ته غلط انگ اکر درج ڪرائيندڙن کي 6مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي. سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار کي خط لکي مطالبو ڪيو;آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري دوران قومي سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط ۾ نرمي ڪئي وڃي.

اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سان گڏيل آدمشماري جي تيارين بابت ميڊيا کي پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته;ملڪ ۾ 18 سالن کانپوءِ ٿيندڙ ڇهين آدمشماري جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته سموري ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جو پهريون مرحلو 15 مارچ کان 15 اپريل تائين ۽ ٻيو مرحلو 25 اپريل کان 25 مئي تائين مڪمل ڪيو ويندو، آدمشماري بابت غلط معلومات ڏيڻ قانوني طور ڏوهه سمجهيو ويندو.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته، غلط معلومات ڏيندڙ کي 6 مهينا قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا به ملندي.

ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، آدمشماري جي سمورن مرحلن دوران معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نادرا جو آن لائن سسٽم جي ذريعي ;به مدد وٺي سگهبي.

census-karachi1

هن چيو ته، آدمشماري دوران پاڪ فوج مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪندي، پاڪ فوج جا اهلڪار ۽ جوان سويلين عملي سان گڏ گهر گهر وڃي آدمشماري ۾ حصو وٺندا.

هن چيو ته آدمشماري دوران سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان مقرر آهن جيڪي;سويلين سان گڏ هر گهر تائين ويندا.

پاڪ فوج جي ترجمان عوام کي آدمشماري ڪندڙ عملي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته آدمشماري بابت فون نمبر ;تي;رابطو ڪري معلومات وٺي سگهبي.

مريم اونگزيب چيو ته پاڪ فوج ۽ سويلين عملي لاءِ 6-6 ارب ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ساڍا 6ارب رپيا رکيا ويا آهن.

مملڪتي وزير مريم اورنگزيب 18 ارب رپين جي خرچ سان ٿيندڙ آدمشماري جي سيڪيورٽي لاءِ  2 لک کان وڌيڪ فوجي جوان مقرر ڪيا ويا آهن.

MURAD SHAHishaq dar

ٻي طرف سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار کي خط لکي مطالبو ڪيو  آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري دوران قومي سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط ۾ نرمي ڪئي وڃي ۽ ڪارڊ نه هئڻ جي صورت ۾ ٻيا دستاويز به قبول ڪيا وڃن.

 وڏي وزير مراد علي شاهه  اسحاق ڊار ڏانهن اماڻيل خط ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته آدمشماري اهڙيءَ ريت ڪرائي وڃي جو ڪو به ماڻهو ڳڻپ کان رهجي نه وڃي.

وڏي وزير آدمشماري جي ڊيٽا روازنو پڌري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آدمشماري جو اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جنهن سان اعتراض ٻڌا وڃن ۽ درست ڪيا وڃن.

وڏي وزير خط ۾ اهو به چيو آهي ته آدمشماري جي بنياد تي مستقبل جي منصوبا بندي ٿيندي آهي .

وڏي وزير مراد علي شاهه  اسحاق ڊار کي خط ۾ اهو به  مطالبو ڪيو  آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري دوران قومي سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط ۾ نرمي ڪئي وڃي ۽ ڪارڊ نه هئڻ جي صورت ۾ ٻيا دستاويز به قبول ڪيا وڃن..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *