Saturday , April 20 2024

آدمشماري ٿيڻ باوجود قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون نه وڌنديون

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت  ملڪ ۾ آئين مطابق نئين آدمشماري ٿيڻ جي باوجود به قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽس نه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي نون ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ سميت سمورين سياسي پارٽين به اتفاق ڪري ورتو آهي. آدمشماري وڌڻ باوجود قومي اسيمبلي جون سيٽون وڌڻ بدران پنجاب جون 9 سيٽون  گھٽجنديون، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ اسلام آباد جون سيٽون وڌنديون، سنڌ ۽ فاٽا جون ساڳيون سيٽون برقرار رهنديون.

آدمشماري جا انگ اکر وڌڻ کانپوءِ نين تڪبندين ۽ پارليامينٽ جون سيٽون وڌائڻ جي حوالي سان ڪابينا جي اجلاس جي روشني ۾ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر جي سربراهه سيد خورشيد شاهه، نويد قمر، تحريڪ انصاف طرفان شاهه محمود قريشي، ايم ڪيو ايم جي فاروق ستار، مولانا فضل الرحمان، محمود خان اچڪزئي، غلام احمد بلور ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شماريات ڊويزن جي عملدارن نئين آبادي ۽ تڪبندين جي حوالي سان بريفنگ ڏني آهي. اجلاس ۾ صوبن جي ڪل سيٽن، آبادي، نئين آدمشماري بابت انگ اکرن جي ڀيٽ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سمورين پارٽين انهي تي اتفاق ڪيو ته آبادي وڌڻ باوجود قومي اسيمبلي ۾ جنرل سيٽن 272 سميت ڪل 342 سيٽن کي هر حال ۾ برقرار رکيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته پنجاب جي ڪجھه سيٽن کي گھٽائي انهي جو ڪجھه حصو خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان کي ڏنو ويندو. جڏهن ته اسلام آباد جي هڪ سيٽ به وڌائي ويندي. اجههجلاس ۾ اهو به طئي ڪيو ويو ته، نئين آدمشماري جي بنياد تي جيڪي نيون تڪبنديون ٿينديون انهي ۾ ڪل 9 سيٽون گھٽ ٿينديون. جيڪي سڀ پنجاب جون هونديو.

پنجاب ۾ نين تڪبندين مطابق ست جنرل سيٽون ۽ ٻه مخصوص سيٽون گھٽ ٿينديون، جڏهن ته سنڌ ۽ فاٽا جون سيٽون برقرار رهنديون، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪي پي ڪي جون پنج سيٽون وڌايون وينديون، جنهن ۾ چار قومي اسيمبلي جون جنرل سيٽون ۽ هڪ مخصوص سيٽ وڌندي. بلوچستان جون ٽي سيٽون وڌنديون جن ۾ ٻه جنرل سيٽون جڏهن ته هڪ مخصوص سيٽ هوندي، وفاقي حڪومت جي به هڪ سيٽ وڌندي، اجلاس جي ڪيل فيصلن موجب ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب جون سيٽون 183 مان گھٽجي 174 ٿي وينديون. جڏهن ته ڪي پي ڪي جون هاڻوڪيون 43 سيٽون وڌي 48 ٿي وينديون، بلوچستان جون 17 مان 20 سيٽون ۽ اسلام آباد جون سيٽون ٻن مان وڌي ٽي سيٽون ٿي وينديون.

اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته اجلاس ۾ سمورن معاملن تي غور ٿيو، بهتر ماحول ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيٽون وڌائڻ يا گھٽائڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تعلقي سطح تي آدمشماري جا انگ اکر سڀاڻي تائين ملي ويندا، هن چيو ته اهو طئي ڪيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جون جنرل 272 سيٽون برقرار رهنديون. ڪجھه صوبن ۾ سيٽون گھٽجنديون ۽ ڪجھه ۾ وڌنديون، صوبائي اسيمبلي جون سيٽون نه وڌايون وينديون، هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هن هفتي اندر انهي بل کي فائنل ڪري اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيون اياز صادق چيو ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ سيٽون وڌنديون. سڀني جي هڪ راءِ آهي ته سيٽون نه وڌايون وڃن، نويد قمر چيو ته آدمشماري جي حوالي سان اسان کي اڃا به اعتراض موجود آهن.

ياد هجي ته قومي اسيمبلي جون ڪل سيٽون 342 آهن جن ۾ جنرل سيٽون يا سڌي چونڊ ذريعي ٿيل سيٽون 272 جڏهن ته 70مخصوص سيٽون آهن، جن ۾ پنجاب جون ڪل سيٽون 183 آهن جن مان سڌي چونڊن ذريعي 148 ۽ عورتن جون 35 مخصوص سيٽون آهن. سنڌ جون ڪل 75 سيٽون آهن جن ۾  61 سڌي چونڊن ذريعي ۽ 14 عورتن جون سيٽون آهن، ڪي پي ڪي ۾ 35  سڌي چونڊن ۽ 8 سيٽون  عورتن جي لاءِ مخصوص آهن، جڏهن ته بلوچستان جي لاءِ ڪل 17 سيٽن مان 14 سيٽون سڌي ريت چونڊ واريون ۽ ٽي سيٽون عورتن جي لاءِ مخصوص آهن، فاٽا جي لاءِ 12 ۽ اسلام آباد جي لاءِ ٻه سيٽون مخصوص ٿيل آهن، سڌي ريت چونڊ جي لاءِ ڪل 272 سيٽون مختص آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *