Tuesday , April 16 2024

آدمشماري نتيجن جي تصديق ٽين ڌر ڪندي، سنڌ ۾ شگرملز ته چالو نه ٿيون پر وفاق کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڏئي ڇڏي: سي سي آءِ

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدمشماري جي جي نتيجن جي 5 سيڪڙو تصديق ٽين ڌر کان ڪرائڻ، گئس نڪرندڙ علائقي جي 5 ڪلوميٽر تائين ايندڙ سمورن ڳوٺن کي گئس جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ 15 لک ٽن کنڊ به پرڏيهه موڪلڻ تي اتفاق ڪندي حتمي منظوري اي سي سي آءِ کان وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي شڪايت تي گئس جي فراهمي بابت توانائي وزارت کان رپورٽ طلب، ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام آڻڻ لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو، واٽر پاليسي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ٻين صوبن کي گئس ملي رهي آهي، سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ کي گهرج موجب گئس نٿي ملي، آرٽيڪل 158 ۽ 162 تي عمل ڪرايو وڃي.

اجلاس ۾ سنڌ جي شڪايت تي گئس جي فراهمي وارو معاملو لاڳاپيل وزارت ڏانهن اماڻيو ويو، توانائي وزارت جي مؤقف اچڻ بعد گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. گئس فيلڊن جي ڀرپاسي وارن علائقن کي گئس جي فراهمي جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته گئس فيلڊن جي 5 ڪلو ميٽر هم چورس ايندڙ ڳوٺن ۽ شهرن کي گئس جي فراهمي تي ايندڙ خرچ گئس فراهم ڪندڙ ڪمپنيون برداشت ڪنديون. بلوچستان صوبي جي تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن کي گئس جي لازمي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پاڻي ۾ بجلي ٺهڻ واري رائلٽي وارو معاملو پڻ ويچاريو ويو، گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان ٻن صوبن جو معاملو وزيراعظم سان ٿيل گڏجاڻي ۾ حل ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ نئين آدمشماري جي ٽين پارٽي کان تصديق ڪرائڻ واري معاملي بابت شماريات کاتي پاران تفصيل سان بريفنگ ڏني وئي.

گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ماڊل انگ اکر هڪ سيڪڙو بدران 5 سيڪڙو کڻي انهن جي ٽين پارٽي کان 5 مهينن اندر تصديق ڪرائي ويندي. واضح رهي ته 5 سيڪڙو سئميلنگ کڻڻ وارو مطالبو ايم ڪيو ايم سان ٿيل ڳالهين ۾ تسليم ڪيو ويو هو. جڏهن ته ويلفيئر ورڪرز فنڊ وارو معاملو 18 هين ترميم کانپوءِ مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار جي نبيري لاءِ هڪ سب ڪاميٽي جوڙي وئي. ڪميٽي ۾ اوورسيز پاڪستانين ۽ هيومن ريسورسز ڊولپمينٽ، ايس اي پي ايم، صوبائي پورهئي واريون وزارتون، ناڻي ۽ پورهئي وزارتن جا سيڪريٽري ان سب ڪاميٽي جا ميمبر مقرر ڪيا ويا. توانائي وزارت پاران پيٽروليم جي تلاش ۽ پيداوار پاليسي 2012ع ۾ ترميم بابت سفارش پيش ڪئي وئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو.

پاڻي ۽ توانائي ڊويزن ۽ صوبائي حڪومتن جا نمائندا به ان ۾ شامل هوندا، جيڪي واٽر پاليسي جو جائزو وٺي حتمي مسودو تيار ڪندا، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت چئني وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽ موجب اجلاس ۾ آدمشماري تي سنڌ جي اعتراضن بابت ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق پاران پيش ڪيل انگ اکر غير حقيقي آهن، اجلاس ۾ 15 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ۽ 18 هين ترميم کانپوءِ صوبن ۾ ساڳئي طرز جي ٺهيل ادارن بابت تفصيلي بحث ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس/اين ٽي ايف جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اين ٽي ايف جي ذريعي ملڪ ۾ تعليمي معيار کي بهتر بڻائي ۽ ان کي مانيٽر ڪيو ويندو. اين ٽي ايف تعليمي نصاب سميت ٻولي ۽ ٻين معاملن جو به جائزو وٺي ملڪ ۾ هڪ جهڙو تيار ڪري ڏيندو ته جيئن ملڪ ۾ تعليم جي نظام کي بهتر بڻائي سگهجي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *