Thursday , April 18 2024

آدمشماري لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٻيا دستاويز به قبول ڪيا ويندا: اسحاق ڊار

ishaq darCM

ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير پاران آدمشماري بابت لکيل خط جو  ڏيندي چيو ته آدمشماري دوران رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ضروري ناهي ٻيا دستاويز ڏيکاري پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪري سگهجي ٿي.

گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير  مراد علي شاهه ناڻي واري وفاقي اسحاق ڊار  کي خط لکي مطالبو ڪيو هو آدمشماري لاءِ رڳو سڃاڻپ ڪارڊ وارو شرط ختم ڪري ٻين دستاويزن کي قبول ڪيو وڃي.

اسحاق ڊار  جوابي خط لکي وڏي وزير  پاران آدمشماري بابت اٿاريل خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه وضاحتون پيش ڪيون آهن.

اسحاق ڊار پنهنجي خط ۾  لکيو آهي ته آدمشماري لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ لازمي نه آهي،سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي ٻيا دستاويز به ڏيکاري سگهجن ٿا.

ناڻي واري وزير خط ۾ اهو به لکيو آهي ته ڊيٽا جي تصديق لاءِ گهر جي ڪنهن به هڪ ماڻهو جو سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ ضروري آهي.

اسحٰق ڊار پنهنجي خط ۾  لکيو آهي ته آدمشماري لاءِ  فوج جون  خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن.

ناڻي واري وزير چيو ته گڏ ڪيل ڊيٽا جي تصديق لاءِ  مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، شڪايتون ختم ڪرڻ لاءِ اڳواٽ ئي جامع نظام تيار ڪيو ويو آهي.

اسحٰق ڊار پنهنجي خط ۾  آدمشماري لاءِ  صوبن جي سهڪار تي ٿورا مڃيندي  لکيو آهي ته آدمشماري ڪرائڻ قومي ڪم آهي، جنهن جي ڪاميابي لاءِ  سڀني صوبن، لاڳاپيل ادارن ۽ ماڻهن جي حمايت ضروري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *