Tuesday , April 16 2024

آدمشماري جا نتيجا ڳجها رکيا ويا ته ڪير قبوليندو..؟؟؟ سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماريءَ متعلق خدشا آهن، جيڪڏهن سموري عمل کي راز ۾ رکيو ويندو ته آخر ۾ نتيجن تي ڪير به خوش نه هوندو، وفاقي حڪومت عوام سان انگ اکر شيئر ڪري، فاروق ستار کي پوليس روڪي ڪيس ۾ ضمانت ڪرائڻ لاءِ چيو، کيس گرفتار نه ڪيو ويو هو، پنهنجي چونڊ تڪ سيوهڻ ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي اچڻ بعد ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ گل محمد برهماڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته اسين چاهيون ٿا ته آدمشماري ٿئي پر اها درست نموني ٿئي، هر ماڻهوءَ کي ڳڻيو وڃي، ڪير به نه رهجڻ کپي ۽ ڪو غلط ماڻهو به نه ڳڻجي، جيتري قدر آدمشماريءَ تي خدشن جي ڳالهه آهي ته آئون ان سلسلي ۾ لاڳاپيل وفاقي وزير اسحاق ڊار کي خط لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ مون اها درخواست ڪئي آهي ۽ هاڻي به ڪريان ٿو ته آدمشماريءَ کي شفاف بڻايو وڃي، ماڻهن کي سمري فراهم ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن کي انگن اکرن تي اعتراض هجي ته اهو پنهنجو اعتراض رڪارڊ ڪرائي سگهي، هن چيو ته گهر ۾ ڀاتي گهڻا آهن ۽ انهن جا نالا ڇا آهن؟ اها ڄاڻ ڀلي ڳجهي رکي وڃي پر بلاڪ ۾ ڪيترا گهر ۽ ماڻهو آهن؟ اها ڊيٽا پڌري ڪئي وڃي، جيڪڏهن سڄي مرحلي کي راز ۾ رکيو ويو ۽ آخر ۾ نتيجا سامهون آندا ويا ته ڪير به خوش نه هوندو، اسان جو مطالبو اهو هر گز ناهي ته انگ اکر سنڌ حڪومت يا پ پ کي ٻڌايا وڃن پر اهي عوام کي ڏيکاريا وڃن، جن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته آدمشماريءَ دوران پينسل جي استعمال جون شڪايتون به سامهون آيون آهن، اميد ته سينسز ڪمشنر ايڪشن کڻندو ۽ اهو يقيني بڻايو ويندو ته ڪٿي به پينسل استعمال نه ٿئي، فاروق ستار جي گرفتاريءَ متعلق سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته فاروق ستار هڪ سياسي اڳواڻ آهي، عدالت ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري پوليس کي حڪم ڏنو هو ته کيس پيش ڪيو وڃي، رات جو دير سان شايد فاروق ستار کي پوليس روڪيو، کيس گرفتار نه ڪيو ويو هو، حسين حقاني جي تڪراري انٽرويو بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ايبٽ آباد ڪميشن جي رپورٽ اچي وڃي ته معاملو واضع ٿي ويندو، هن چيو ته سيوهڻ سانحي جي متاثرن کي جلد معاوضو ملندو، متاثرن جي تصديق لاءِ ڪمشنر حيدرآباد کي چيو آهي، تصديق کان پوءِ ئي شهيدن جي پونيئرن ۽ زخمين کي معاوضا ڏنا ويندا، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن سميت اهڙيون ٽيسٽون پاس ڪندڙ اميدوارن کي جلد آرڊر ڏنا ويندا، سيد مراد علي شاهه ڳوٺ مشتاق جمالي، درگاهه ويهڙ شريف، ٽلٽي، ڳوٺ عبدالرحمان جمالي، دري ديرو ۽ ٻين هنڌن تي تعزيتون ڪيون ۽ دعوتن ۾ شرڪت پڻ ڪئي، ان موقعي تي پ پ ضلعي ڄامشوري جو صدر سيد آصف علي شاهه، پ پ اڳواڻ سيد محمد شاهه، ڊي سي منور علي مهيسر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا، ٻئي طرف سيوهڻ نمائندي موجب  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جون سيوهڻ ۾ مختلف هنڌن تي تعزيتون، دعوتن ۾ به شرڪت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *