Friday , March 29 2024

آدمشماري:شماريات کاتي جا انگ اکر پاڪ فوج جي رڪارڊ سان ڀيٽيا وڃن: پ پ جو مطالبو

Khursheed shah2

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته شماريات کاتي پاران 2017 دوران ڪرايل ڇهين آدمشماريءَجي جاري ڪيل نتيجن مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ته آدمشماري ذميواري سمجهي نه پر ميار لاهڻ لاءِ ڪري جان ڇڏائي وئي آهي. مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته، آدمشماري جي نتيجن سان لڳي ٿو ته قومي ۽ آئيني ذميواري سمجهي ناهي ڪرائي وئي پر مڙئي ميار لاٿي وئي آهي. سيد خورشيد شاهه شماريات کاتي جي پيش ڪيل انگن اکرن کي رد ڪندي چيو ته، شماريات کاتي جا انگ اکر پاڪ فوج جي انگن اکرن سان پيٽايا وڃن. خورشيد شاهه چيو ته پنجن سالن جو عرصو تمام گهڻو آهي، عام چونڊن لاءِ ايڏو ڊگهو انتظار نه ٿو ڪري سگهجي انڪري، اسيمبلين جو مدو 5 سالن مان گهٽائي 4 سال ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان 2014ع ۾ به اسيمبلين جو مدو 4 سال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو. خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار منهنجي ان تجويز سان اتفاق ڪيو هو، هن چيو ته اڄ به چوان ٿو ته آئيني سڌارن ۾ اسيمبلين جو مدو 4 سال ڪيو وڃي، ملڪ ۽ ادارن لاءِ اهو بهتر هوندو، هن چيو ته جيڪو 2014ع ۾ ٿيو هو، اهو هن وقت به ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ان جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا وڃن، حڪومت اسيمبلي جو مدو 4 سال ڪري ته سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

خورشيد شاهه آدمشماري تي به اعتراض ڪندي چيو ته آدمشماري ۾ صرف ڪم مان جان ڇڏائي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته شماريات کاتي ۽ فوج جي رڪارڊ ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي، ٻنهي ادارن جي رڪارڊ ۾ ڀيٽ ڪرڻ سان اصل حقيقتون سامهون اچي وينديون، آدمشماري درست نموني سان ناهي ٿي، خورشيد شاهه آدمشماري جي شروعاتي نتيجن تي اعتراض واريا آهن، هوڏانهن فتح جنگ ۾ پيپلزپارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد ساهه چيو ته تحريڪ انصاف چور دروازي مان اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، ان جو پيپلزپارٽي سان ڪو به مقابلو ناهي، پي ٽي آءِ سان پيپلزپارٽي جي ڀيٽ نه ڪئي وڃي. هن چيو ته شريف ڀائرن جو سج لهي رهيو آهي ۽ اسان جو چڙهي رهيو آهي، ايندڙ حڪومت سڄي ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي هوندي.

پاڪستان پيپلز پارٽي آدمشماري 2017 جا انگ اکر رد ڪري ڇڏيا

Ajiz Dhamrah 01

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي آدمشماري 2017ع جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه ۽ ٻين ميڊيا سيل بلاول هائوس ۾ پريس ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو ته الزام خان کي سنڌ جي ماڻهن مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي، پ پ هميشه سنڌ ۾ سياسي پارٽين جي جلسن کي ڀليڪار ڪيو آهي، الزام خان اڳ به نام نهاد جلسا ڪيا آهن، جيڪي اصل ۾ جلسا نه پر جلسيون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *