Saturday , April 20 2024

آدمشماريءَ کان اڳ سنڌين کي ڪهڙي تياري ڪرڻ گهرجي – مشهُود قاضي

آدمشماريءَ کان اڳ سنڌين کي ڪهڙي تياري ڪرڻ گهرجي

مشهُود قاضي

Mashhood Qazi00

جيئن جيئن آدمشماريءَ جا ڏينهن ويجها اچي رهيا آهن، تيئن تيئن سنڌ مخالف قوتون به سرگرم ٿي ويون آهن. پر اسان جي سنڌ سرڪار ۽ سنڌي سياسي اڳواڻ آدمشماري جي حوالي سان اثرائتو تحرڪ نه وٺي سگھيا آهن، سواءِ  بيانن ۽ سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس کان مٿي ڪو ڪم نه ٿي سگهيو آهي. 1881ع ۾ انگريزن پهريون پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ آدمشماري ڪرائي هئي، جنهن بعد هر 10 سالن کان پوءِ آدمشماري ڪرائي ويندي رهي. ورهاڱي کان پوءِ هر ڏهين سال آدمشماري ٿئي ها ته اڄ پاڪستان ۾ 7 ڀيرا آدمشماري ٿي چڪي هجي ها ۽ 2021ع ۾ اٺين آدشماري ٿئي ها، پر هاڻي 19 سالن کان پوءِ ڇهين آدمشماري ٿي رهي آهي. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد پهرين آدمشماري 1951ع ۾ ڪرائي وئي، ٻي آدمشاري 1961ع ۾ ٿي، 1970ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ سبب 1971ع ۾ آدمشماري نه ٿي سگهي هئي، جيڪا 1972ع ۾ ڪرائي وئي. جنهن بعد وري 1981ع ۾ آدمشماري ٿي پر 1991ع ۾ آدمشماري نه ڪرائي وئي، جيڪا وري 7 سال دير سان 1998ع ۾ ٿي. اصولي طور تي ڇهين آدمشماري 2001ع ۾ ٿيڻ گھرجي ها، پر 2012ع تائين آدمشماري نه ٿيڻ ڪري اندازن تي انگ اکر جاري ڪري ڪاٿا لڳايا پيا وڃن. آئين تحت قومي اسيمبلي جون سيٽون به آباديءَ جي لحاظ سان ورهايون وڃن ٿيون ته مالياتي ايوارڊ جو اهم اهڃاڻ به آبادي آهي، جنهن ڪري آدمشماري نه ٿيڻ سبب ننڍن صوبن کي خدشا رهيا آهن.

سنڌ کي سڀ کان وڌيڪ خدشا ان ڪري به آهن، جو سنڌ جي آبادي قدرتي اهڃاڻن کانسواءِ  غير فطري نموني به تيزي سان وڌندي رهي آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم عنصر ڌاري آباديءَ جو آهي. سنڌ ۾ نه رڳو ڀارت، پر بنگلاديش، برما ۽ افغانستان مان به غيرقانوني طور ايندڙن جو وڏو انگ رهي ٿو. رڳو افغانستان جا 25 کان 30 لک پناهگير به هتي ترسيل آهن، جن مان اڪثريت نسلي طور تي هڪجهڙائي رکڻ سبب آساني سان مقامي آبادي ۾ شامل ٿي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي آسانيءَ سان سنڌ مان سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي وٺن ٿا ۽ سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون به وٺي ٿا وڃن، جيڪا سنڌ جي مقامي ماڻهن سان وڏي ناانصافي ۽ حق تلفي آهي. گھر شماري ۽ آدمشماري ۾ خاص طور تي ڪراچي جي حوالي سان سنڌي ماڻهن کي وڌيڪ خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته اردو ڳالهائيندڙ اڪثريتي علائقن ۾ رهندڙ سنڌين جي مادري ٻولي به عملي جي بدديانتي سبب اردو لکي وڃي ٿي. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ ڪڇي توڙي ميمڻ برادرين جي اڪثريت به مادري ٻولي سنڌي هجڻ باوجود به پننهجي ٻولي سنڌي لکرائڻ بدران ڪڇي يا ميمڻي لکرائن ٿا، جنهن ڪري اهي سنڌي ڳڻجڻ بدران ”ديگر“ ڳڻيا وڃن ٿا. ان سان ڪراچي شهر ۾ سنڌي وڏي انگ ۾ هجڻ باوجود مجموعي انگن اکرن ۾ گھٽ ڄاڻايا ٿا وڃن.

سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وري وڏي انگ ۾ ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ به نه آهن، ان ڪري اهي به ڳڻپ کان رهجي ويا ته صوبي جي آبادي گھٽ ڳڻبي، جنهن جو نقصان قومي اسيمبلي جي سيٽن ۽ مالياتي ايوارڊ تحت ناڻي ورڇ ۾ ٿي سگھي ٿو. هن وقت هڪ اندازي مطابق سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ کان به وڌيڪ آهي، پر شناختي ڪارڊ فقط 2 ڪروڙ ماڻهن وٽ آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کي آدمشماري دوران اهو به خدشو آهي ته وڏن شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو به تمام وڏي انگ ۾ رهن ٿا، جيڪي سنڌ جا وسيلا استعمال ڪن ٿا، پر انهن کي ڳڻيو وري ٻين صوبن جي آبادي ۾ وڃي ٿو، جيڪو به سنڌ کي ناڻي جي ورڇ واري معاملي ۾ وڏو نقصان آهي.

تجويزون:

(1) آئون سمجهان ٿو ته آدمشماري ۾ اسان سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط مڪمل طور تي ختم ڪرڻ وارو مطالبو ڪرڻ بدران قومي مفاد ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ب فارم سان گڏ ڪنهن به ٻئي دستاويزي ثبوت جي بنياد تي ڳڻپ ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏ چونڊيل بلدياتي نمائندن جي شاهديءَ کي به معتبر سمجھڻ گھرجي.

(2) وڏن شهرن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط برقرار رهڻ گھرجي ته جيئن سنڌ ۾ رهندڙ غيرقانوني افغاني، برمي، بنگالي، بهاري ۽ ٻين جي سنڌ جي مستقل رهندڙن طور ڳڻپ روڪي سگھجي ۽ ان سان گڏ چونڊيل نمائندن جي شاهديءَ ذريعي سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ غيرقانوني ماڻهن کي آدمشماري مان خارج ڪيو وڃي.

(3) سنڌ جي سياسي توڙي مذهبي ۽ سماجي تنظيمن کي فوري عملي قدم کڻندي علائقائي سطح تي گڏيل ڪميٽيون ٺاهڻ گھرجن، جيڪي گھر گھر وڃي مهم به هلائين ۽ آدمشماري جا فارم  ڀرائين. ان سان گڏ اهي ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکڻ کي به يقيني بڻائين.

(4) خاص ڪميٽيون ٺاهڻ گھرجن، جيڪي جابلو ۽ وارياسن علائقن توڙي ڪچي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ يقيني بڻائين.

(5) ميڊيا تي اشتهاري مهم هلائڻ گھرجي. ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش ان حوالي سان پاڻ ملهائين پيا، پر سياسي تنظيمن سان گڏ سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا وفد به سنڌي ميڊيا کان سواءِ  اردو ميڊيا ۽ خاص طور تي ريڊيو مالڪن سان ملاقاتون ڪري انهن کي گھٽ ئي سهي، پر اشتهاري مهم هلائڻ تي آماده ڪن.

(6) پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين کي گھرجي ته آدمشماري ۾ سنڌين جي ڳڻپ کي يقيني بڻائڻ لاءِ انهن ملڪن سان سفارتي طريقن سان پاڪستاني حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته جيئن سنڌي قوم جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي.

(7) آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيه ۽ وچ اوڀر جي ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين کي گھرجي ته اهي پنهنجي هڙان وڙان ڪوشش ڪري سنڌ ۾ آدمشماري جي حوالي سان پاڻ پتوڙيندڙن کي پمفليٽ ڇپرائڻ توڙي اشتهاري مهم هلائڻ لاءِ فنڊ به ڏين ۽ آدمشماري دوران شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ فنڊنگ سان گڏ پنهجا وفد به اماڻين.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *