Thursday , March 28 2024

آخر بلوچستان ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اهم عهدن تي ڇو ٿا مقرر ٿين؟؛چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪوئيٽا( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، جيڪي به پاڻمرادو نوٽيس ورتا آحن اُهي نيڪ نيتي تي تي ورتا آهن. ڪوئيٽا ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، هتي صحت ۽ تعليم جي حالت اننتهائي خراب آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته، آخرڪار اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو ٻين صوبن جا ماڻهو/آفيسر بلوچستان ۾ مقرر ڪيا وڃن ٿا، هتي ٻين صوبن جا ماڻهو نوڪريون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڻمرادا نوٽيسز عوامي مسئلن جي حل لاءِ وٺڻا پون ٿا، ڇو ته بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري  آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *