Thursday , March 28 2024

آبپاشي کاتي خيرپور جي 50 ڪروڙ جا ٺيڪا من پسند ٺيڪدارن حوالي

خيرپور( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) خيرپور ۾ آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران ٺيڪيدران کي ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪرڻ ۽ من پسند ماڻهن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 ٺيڪيدارن محسن مهر، بهادر علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين الزام  هڻندي چيو آهي ته آبپاشي عملدار سياسي پٺڀرائي ۽ من پسند ٺيڪيدارن کي 50 ڪروڙ رپين جا ترقياتي ڪم ڏئي وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪرڻ جا سانباهه ڪري رهيا آهن. هنن سنڌ حڪومت ۽ وزير ايريگيشن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽينڊر روڪي ميرٽ جي بنيادن تي سمورن ٺيڪيدارن کان درخواستون ورتيون وڃن، ٻي صورت ۾ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *