Saturday , April 20 2024

آبپاشي ملازمن جامطالبامنظور ڪيا آهن:ناصر شاهه- ٻن ڏينهن ۾ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻبو:ملازم

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ   آبپاشي جي ملازمن  سان صوبائي وزير  ناصر شاهه ملاقات ڪري ٻن ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جنهن کان پوءِ ملازمن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آبپاشي ملازمن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مطالبن جي منظوري جو نوٽيفڪيشن ٻن ڏينهن اندر جاري نه ٿيو ته وزيراعليٰ هائوس آڏو هر حالت ۾ ڌرڻو هڻنداسين.

سچل سرمست جي درگاهه تان 23 ڏينهن اڳ مستقلي، الائونس ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل ايريگيشن ملازمن جو لانگ مارچ ڪراچي پريس ڪلب پهتو، جنهن ۾ شريڪ ملازمن مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. صوبائي وزير ناصر شاهه ملازمن وٽ پهچي کين مطالبن جي مڃتا بابت ٻن ڏينهن اندر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ايريگيشن ملازمن احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. احتجاج ڪندڙ ايريگيشن ملازمن چتاءُ ڏنو ته مطالبا مڃڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته ٻيهر احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *