Wednesday , April 24 2024

آبادگارن ۽ احتجاج ڪندڙ استادن تي تشدد خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري

ڪراچي/حيدرآباد/فيض گنج/ لاڙڪاڻو ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ اين ٽي ايس پاس استادن تي تشدد ڪرڻ ۽ آبادگارن کي مقرر ڪيل اگهه 182 روپيا في مڻ نه ڏيڻ خلاف مختلف شهرن ۾ جسقم جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.  لاڙڪاڻي ۾ اطهر سومرو ۽ عزيز شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ علي رضا خاصخيلي، نور سولنگي ۽ منير ابڙو جي اڳواڻي ۾ڪارڪنن پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . نوشهروفيروز ۾ راجا عبدالرزاق ملاح ۽ صدر الدين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. باڊھه ۾ رياض پنهور ۽ دودو ديشي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپور بٺوري ۾ عامر ميمڻ، بابو عثمان، عبدالرزاق لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ڪارڪنن جي ايم سيد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. ڪنڊياري ۾ قاري گانگھرو، محبوب ابڙو، ھارون ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

قبو سعيد خان، ميروخان سميت مخلتف شهرن ۾ به جسقم ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن ۽ آبادگارن تي تشدد وارو عمل مذمت جوڳو آهي. هنن چيو ته اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي پڪو ڪري آبادگارن کي ڪمند جو في مڻ 182 روپيا ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *