Saturday , April 20 2024

آبادگارن جو شگر ملز پاران ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا

ميرپورخاص/دولتپور/گهوٽڪي ( سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) شگرملون بند ڪري ڪمند نه پيڙڻ ۽ مقرر اگهه نه ڏيڻ واري عمل خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن. ميرپور خاص ۾ آبادگارن ممتاز مري ۽ حاجي ملوڪ راڄڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص شگر ملز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. دولتپور ۾ علي نواز انڙ، ولي محمد جوکيو، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ملون بند ڪيون ويون آهن، جنهن سبب  ڪروڙين کان وڌيڪ ماليت جو ڪمند سڪي رهيو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ملون چالو ڪرائي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

گهوٽڪي: آبادگارن جو شگرملز انتظاميه جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

گهوٽڪي ۾ آبادگارن پاران جي ڊي ڊبليو 3 شگرمل انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.نجم  گهوٽو، رفيق ڪاسائي ۽ حافظ عبدالعزيز گهوٽو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته شگرمل انتظاميه آبادگارن کي ڪمند جا پئسا نه ڏئي رهي آهي. هنن چيو ته مل انتظاميه غيرقانوني طور ڪمند جي وزن ۾ ڪٽوتي ڪري آبادگارن جا هزارين رپيا ڪٽي رهي آهي.  شگرمل انتظاميه جي هڪ عملدار آبادگارن سان ڳالهيون ڪري کين جلد پئسن جي ادائيگي ۽ غيرقانوني ڪٽوتي نه ڪرڻ بابت يقين ڏياري احتجاج ختم ڪرايو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *