Friday , March 29 2024

آئسوليشن سينٽر سکر ۾ داخل 640 صحتمند قرار، گهرن ڏنهن روانا

آئسوليشن سينٽر سکر ۾ داخل 640 زائرين کي ڊاڪٽرن به صحتمند قرار ڏنو

وڏي وزير جي اجازت بعد کين گهرن ڏانهن روانو ڪيو: صوبائي وزير اويس قادر شاهه

سکر( خاص نماندو   سنڌسماءَچار) آئسوليشن سينٽر سکر ۾ ڪرونا وائرس جي شڪ ۾ داخل 640 ماڻهن کي صحتمند قرار ڏيڻ کانپوءِ  کيسن پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، ڊاڪٽرن سمورن ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته 14 ڏينهن تائين گهرن کان ٻاهر نه نڪرن. سکر جي ليبر ڪالوني جي فليٽس ۾ قائم ڪيل ڪرونا آئسوليشن سينٽر ۾ داخل ڪيل 640 جون ڪرورنا ٽسٽ ڪرايون وين، جن جون رپورٽس به اچي ويون آهن، رپورٽس مطابق سمورا  ماڻهو ڪرونا نيگيٽو آهن ۽ سمورن زائين کي صحتمند قرار ڏنو ويو آهي. صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته، سمورن 640 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪليئر اچڻ کانپوءِ سمورن ماڻهن کي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي، واپسي وقت سمورا ماڻهو تمام گهڻو خوش هئا. هن چيو ته انهن ماڻهن کي ميڊيڪل ٽيم به انهن کي نارمل قرار ڏنو  جنه  بعد وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري بعد زائرين کي گهر موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. زائرين جو تعلق سنڌ جي مختلف ضلعن کانسواءِ راولپنڊي ۽ گلگت سان آهي. جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل اهن.اويس قادر شاهه موجب زائرين کي ڪرونا وائرس جو شڪ هجڻ ڪري تفتان بارڊر کان سکر ۾ رکيو ويو ، جتي کين هر قسم جي سهولت ڏني وئي . اختيارين لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پي ايز کي زائرين سان ملاقاتون ڪري روزانو رپورٽ وٺڻ جو پابند ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته قرنطينه سکر ۾ ڪرونا وائرس ۾ مبتلا 266 مريضن جو علاج جاري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *