Saturday , April 20 2024

آءِ جي سنڌ جي شڪي اغوا ڳجهارت بڻيل، آرمي چيف جي مداخلت، سنڌ پوليس ۾ آيل طونان ۾ ماٺار

ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تان سنڌ پوليس ۾ آيل طوفان ۾ ماٺار اچي وئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو آءِ جي مشتاق مهر سان رابطو، آءِ جي سنڌ موڪل تي وڃڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو

ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ 10 ڏينهن لاءِ موڪل وارو فيصلو ملتوي ڪيو آهي،جاچ رپورٽ بعد مستقبل جو فيصلو ڪندس:آءِ جي سنڌ مشتاق مهر

ڪراچي (رپورٽ آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) نون ليگ اڳواڻ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي شڪي اغوا وارو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، نه ته آءِ جي سنڌ معاملي جي تصديق ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي الزام هيٺ آيل ادارن پاران ڪا وضاحت آئي آهي. 18۽ 19 آڪٽوبر جي وچ واري رات جو دير ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر خلاف مزار قائد جي توهين واري ڪيس ۾ گرفتاري تان شروع ٿيل تڪرار اڃا تائين ختم ناهي ٿيو.

ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري عمل دوران آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي يرغمال بڻائڻ وارين خبرن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال بعد سنڌ پوليس ۾ مزاحمت وارو ماحول جڙي ويو، 20هين آڪٽوبر اڱاري ڏينهن آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پاران ٻن مهينن جي موڪل وڃڻ جي درخواست ڏني وئي، جنهن بعد ايڊيشل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ سڄي سنڌ جي 70 کان وڌيڪ ايس ايس پيز به موڪل تي وڃڻ جون درخواستون واڳيل اختيارين کي اماڻي ڇڏيون، جن مان اڪثر ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جون لکت ۾ درخواستون به منظر تي اچي ويو.

آءِ جي سنڌ مشتاق مهر سميت سنڌ پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز ۽ ڊي آءِ جيز سميت سمورن ايس ايس پيز جي موڪل تي وڃڻ جي درخواستن تي سنڌ پوليس ۾ طوفان اچي ويو ۽غ ڪجهه ڪلاڪن تائين سنڌ پوليس مڪمل طور تي غيرسرگرم ٿي وئي، جنهن جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نوٽيس ورتو. آرمي چيف، آءِ جي سنڌ سان فون تي رابطو ڪيو. آرمي چيف جي رابطي کانپوءِ پنهنجي موڪل وارو فيصلو 10ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته، ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفادن ۾ موڪل وارو فيصلو 10ڏينهن تائين ملتوي ڪيو آهي، جيستائين معاملي جي جاچ رپورٽ منظر تي اچي ايستائين فيصلو واپس وٺي رهيو آهن، ان سان گڏ سمورن پوليس آفيسرز به موڪل تي وڃڻ وارو فيصلو ڏهن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ معاملو بظاهر ته ٿڌو ٿي ويو آهي.

ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس پنهنجي موڪل لاءِ موڪليل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته “ ڪئپٽن صفدر جي گرفتاري واري معاملي تي سنڌ پوليس جي هاءِ ڪمان جي تذليل ڪري بيعزتي ڪئي وئي، هاءِ ڪمان جي اهڙي بيعزتي سبب دلبرداشتا ٿي ويو آهيان، انڪري مان اهڙين حالتن ۾ وڌيڪ ڪم نه ٿو ڪري سگهان، ان لاءِ مونکي موڪل ڏني وڃي”. عمران يعقوب منهاس جي موڪل واري درخواست منظر تي اچڻ بعد، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ سميت سمورن ايڊيشنل آءِ جيز، ڊي آءِ جيز ۽ سنڌ جي سمورن ايس ايس پيز پاران موڪل جون درخواستون ڏنيون ويون، سمورين موڪلن وارين درخواست جو ڊرافٽ ساڳيو ئي آهي.

سنڌ پوليس ٽوئٽ جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته 18 کان 19 آڪٽوبر جي رات افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن سان سنڌ پوليس جو مورال ڪريو آهي، واقعي جي نتيجي ۾ احتجاجن آءِ جي سنڌ موڪل تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي ٻين پوليس آفيسرن به صدمي ۾ موڪلن جون درخواستون ڏنيون، گڏيل طور تي ڪيل فيصلو احتجاج جو نتيجو هو، سنڌ پوليس تڪليف جو احساس ڪندي جاچ جو حڪم ڏيڻ تي آرمي چيف جي ٿورائتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *