Saturday , April 20 2024

آءِ جي سنڌ جو مٺي ۾ قتل ٿي ويل ڀائرن جي وارثن کي فون

مٺي (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ٿر ۾ قتل ٿيل ٻن هندو ڀائرن جي وارثن سان فون تي رابطو ڪري کين انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. اي ڊي خواجا چيو آهي ته قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي، ڪيس ۾ جيڪڏهن ڪو به بااثر يا معتبر ملوث به هوندو ته ان کي به نه بخشيو ويندو، مقتولن جي وارثن کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته قاتلن کي جلد عوام اڳيان وائکو ڪيو ويندو، مان پاڻ مٺي اچي مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪندس پر قاتلن کي سزا ڏيڻ کانپوءِ تڏي تي اچڻ مناسب سمجهان ٿو.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *