Friday , March 29 2024

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ سنڌ سرڪار جو جهيڙو چوٽ چڙهي ويو

DIG letter

سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا جون خدمتون وفاقي سرڪار جي حوالي ڪرڻ بعد آءِ جي جي بدلي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سندس بلدي روڪڻ لاءِ جاري ڪيل منع نامي وارو مامرو هڪ پاسي نه ٿيو هو ته، آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو وري آمهون سامهون ٿي ويا آهن. گهرو وزير سهيل انور سيال پوليس آفيسرز جي سڏايل گڏجاڻي ۾ آءِ جي سنڌ کي دعوت ئي ناهي ڏني. آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته هُن ڪنهن آفيسر کي گهرو وزير جي گڏجاڻي ۾ وڃڻ کان ناهي روڪيو.

ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين ڀٽي ڪار جي اختيارين وچ ۾ هڪ نئو ڦڏو وجهي ڇڏيو آهي. اي آءِ جي خادم ڀٽي پاران آءِ جي کي لکيل هڪ خط ۾ چيو ويو آهي ته، “ اوهان جي پرائيويٽ سيڪريٽري محمد ابراهيم پاران فون تي اطلاع ڏنو ويو، جنهن ۾ هُن اوهان جو زباني حڪم ڏنو ته، ڪو به پوليس آفيسر، صوبائي گهرو وزير پاران سڏايل ڪنهن به اجلاس ۾ منهنجي/آءِ جي جي اجازت کانسواءِ شرڪت نه ڪري. خط ۾ چيو ويو آهي ته، گهرو وزير 25 مئي خميس ڏينهن صبح جو 11 وڳي پنهنجي آفيس ۾ سنڌ پوليس جي آفيسرز جو هڪ اهم اجلاس سڏايو آهي، جنهن جو مون کي/ (اي آءِ جي خادم ڀٽي ) کي به اطلاع ڪيو ويو آهي”. آءِ جي کي لکيل خط ۾ ايڊيشنل آءِ جي خادم ڀٽي آءِ جي سنڌ کان اجازت گهري آهي ته، کيس گهرو وزير جي سڏايل اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي.

ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين ڀٽي جي اهڙي خط جي منظر تي اچڻ بعد، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ اڳ ئي هلندڙ تڪرار ٿڌو ٿيڻ بدران وڌي ويو آهي.

خادم ڀٽي جي اهڙي خط واري خبر ميڊيا تي اچڻ بعد آءِ جي سنڌ پاران هڪ وضاحت ڪئي وئي آهي ته، “ مان ڪنهن به آفيسر کي گهرو وزير جي سڏايل گڏجاڻي ۾ شرڪت کان ناهي روڪيو، پر اهڙو حڪم سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيو ويو هو. آءِ جي سنڌ جي وضاحت موجب، وڏي وزير هڪ حڪم ۾ چيو هو ته، ڪو به پوليس آفيسر سندس اجازت يا اطلاع ڏيڻ کانسواءِ پنهنجي اسٽيشن/ آفيس/علائقو نه ڇڏي.

suhail anwar sialAD khuwaja01

اي ڊي خواجا ان ڳالھ جي به وضاحت ڪئي آهي ته هن ڪنهن به پوليس آفيسر کي گهرو وزير جي 25 مئي وپاري اجلاس ۾ شرڪت ڪان ناهي روڪيو.

ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته، گهرو وزير سهيل انور سيال اڄ 25 مئي تي جمعي ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ سڏايل پوليس آفيسرز جي هڪ گڏجاڻي ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي شرڪت جي دعوت ناهي ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *