Friday , April 19 2024

آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون رولڙي جو شڪار

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پاڪستان پهتل انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وفد  ۽ پاڪستاني اختيارين ۾ هڪ هفتي کان هلندڙ ڳالهيون مختلف معاملن تي رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو هڪ دور ايندڙ هفتي به ٿيندو، پاڪستان رپئي جي ملهه ۾ لاٿ، ٽيڪسز ۾ واڌ ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ وارا آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. پاڪستان جي ناڻي جي عملدارن ۽ آءِ ايم ايف ۾ جاري  ڳالهين جو پهريون دور بنا نتيجي ختم ٿي ويو آهي. ناڻي جي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان رپئي جي ملهه ۾ لاٿ، ٽيڪسز ۾ واڌ ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ وارا آءِ ايم ايف جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئي ايم ايف پاڪستان کان بجلي جي اگهه ۾ 20 کان 22 سيڪڙي تائين واڌ جو مطالبو ڪيو هو.  ناڻي جي وزارت جي عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته  اسان جون ڪجهه ريڊ لائينز آهن،انڪري آئي ايم ايف جا مطالبا مڃي نٿا سگهون. ذريعن ٻڌايو ته ايندڙ سال 2019 جي  15 جنوري تي ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *