Friday , March 29 2024

آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ پاران پاڪستان سان ڪيل معاهدي جي جيئن جو تيئن منظوري نه ڏيڻ جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ اصغر آزاد سنڌسماءَچار) عالمي مالياتي فنڊز (آءِ ايم ايف) جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاڪستان سان ڪيل معاشي بيل آئوٽ پيڪيج جي جيئن جو تيئن منظوري نه ڏيندو، مختلف ادارن جي نجڪاري، ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ ۽ قرض جي واپسي لاءِ اڳواٽ ضمانت طور ڪجهه ادارن جي سربراهن جي مقرري جا شرط لاڳو ٿيندا. آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل معاهدي بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان سان ڪيل معاهدي جي جيئن جو تيئن منظوري نه ڏيندو، منظوري کي او جي ڊي سي ايل، پاڪستان ڪسٽمز، اوگرا ۽ نيپرا جي سربراهن سميت مختلف ادارن جا سربراهه تبديل ڪرڻ سميت اهم ملڪي ادارن جي خانگائڻ جا شرط لاڳو ڪيا ويندا. ريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف پاران مختلف شعبن ۾ نوان ٽئڪس لاڳو ڪرڻ، اڳ لاڳو ٿيل ٽئڪسز ۾ اضافو، پگهاردار طبقي جي پگهارن تي گهٽ ۾ گهٽ واري سليب ۾ ردوبدل ڪري ان کي گهٽ سليب تي آڻڻ ۽ اڻ-سڌن (انڊائريڪٽ ٽيڪسز) ٽيڪسز ۾ به اضافي ڪرڻ جا شرط شامل هوندا.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وفاقي حڪومت پاران ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون گهٽ کان گهٽ وڌائڻ يا وري پگهارن ۾ اڳ ڪيل واڌ وارن مختلف الائونسز جيڪي ماضي ۾ بنيادي پگهار ۾ شامل ڪيا ويندا هئا، انهن کي هن ڀيري بيسڪ سيلري ۾ شامل نه ڪري موجوده پي اسڪيل تحت ئي 20 سيڪڙو يا ان کان به گهٽ واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ڪي به اضافي رعايتون نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف سان اهو به طئه ڪيو ويو آهي ته بجلي جي 300 يونٽس جي استعمال تي سبسڊي هوندي پر 300 يونٽس کان وڌيڪ استعمال تي سبسڊي ته ختم ٿي ويندي پر ان ۾ 300 يونٽس کان وڌيڪ واري بجلي سبسڊي کان آجي نه هوندي پر مڪمل بل اهڙي سبسڊي جي دائري ۾ نه ايندو. اهڙي طرح گئس تي سبسڊي لاءِ به ساڳئي طرح جو فارمولو استعمال ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *