Saturday , April 20 2024

آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۾ موجود، گئس 5 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۾ موجود، ايف بي آر چيئرمين جي غيرموجودگي ۾ ڳالهيون هلندڙ، گئس 5 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) پاڪستان کي قرض جي ٽئين قسط جاري ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جو وفد ٽن ڏينهن کان پاڪستان ۾ موجود آهي، قرض جي قسط جاري ڪرڻ لاءِ وفد ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ سان ٻه ڀيرا ملاقتون ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪري چڪو آهي. آءِ ايم ايف جي وفد جي ڳالهين دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿي چڪو آهي ته، گئس جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي. ان ڳالهه جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ تصديق ڪندي چيو آهي ته، حڪومت گئس جي اگهن ۾ مجموعي طور تي پنج سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ پهرين فيبروريءَ کان لاڳو ڪيو ويندو. حڪومت اهو فيصلو انڪري ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن مطابق روينيو جنريشن ۾ واڌ واري شرط جو پورائو ڪري سگهجي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، وفاقي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ سال 2019- 2020 جي لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ واري معاملي تي غور ڪري ان جي منظوري ڏئي سگهجي، گئس جي اگهن ۾ واڌ لاءِ گئس استعمال ڪندڙن لاءِ ٽي کان پنج سليبس ٺاهي گئس جا اگهه وڌائي 3 کان 7 سيڪڙو تائين گئس مهانگي ڪئي ويندي. جنهن کانپوءِ  پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي ٽئين قسط جاري ٿي ويندي. آءِ ايم ايف جي قرض حاصل ڪرڻ لاءِ روينيو وصولين ۾ واڌ واري شرط لاءِ حڪومت ڪو به نئون قدم ناهي کڻي رهي صرف اڳ مختلف شين تي اڳ موجود ٽيڪس ۾ واڌ ڪري يا مختلف شين جا اگهه وڌائي مهانگائي جو طوفان آڻي عالمي مالياتي اداري جا شرط پورا ڪري عام ماڻهن کي مهانگائي جي گهاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران روينيو وصوليون ڪندڙ ملڪ جي اهم اداري جو چيئرمين موجود ئي ناهي، ايف بي آر جو چيئرمين شبر زيدي ڪافي هفتن کان نه رڳو منظر تان غائب آهي پر سندس لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته هن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر وفاقي سرڪار في الحال ان کي ظاهر ڪرڻ بدران شبر زيدي جي موڪل تي وڃڻ جو چئي معاملي کي لڪائي رهي آهي، شبر زيدي جي موڪل تي هجڻ واري ڳالهه وزيراعظم عمران خان پاڻ به ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي، پر ان حوالي سان شبر زيدي جو پنهنجو ڪو به موقف سا،هون ناهي آيو.

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *