Tuesday , April 23 2024

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊي جي اسد دراني جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اڳوڻي سربراهه سان گڏ تڪراري ڪتاب لکندڙ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزارت پاران اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت تصديق ڪندي ڄاڻايو آهي ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي . گهرو وزارت جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسد دراني جو نالو ايم آءِ جي تجويزتي اي سي ايل۾شامل ڪيو آهي. واضح رهي اسد دراني کي ڪتاب جي وضاحت ڪرڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو به طلب ڪيو ويو هو.

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *