Wednesday , April 24 2024

آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت پاڪ فوج جي سفارش بعد آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد دراني جو نالو انٽيگريٽيڊ بارڊر مئنجيمينٽ سسٽم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان هُو سامونڊي توڙي خشڪي رستي به پرڏيهه نه وڃي سگهندو. ڀارتي هم منصب سان گڏ تڪراري ڪتاب لکڻ تي پاڪ فوج آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري  ڇڏي آهي.آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني کي تازو شايع ٿيندڙ ڪتاب “دي اسپائَي ڪرونيڪلز” ۾ پاڻ سان لاڳاپيل خيالن جي وضاحت لاءِ جي ايڇ ڪيو طلب ڪيو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته تڪراري ڪتاب جي مڪمل جاچ لاءِ هڪ حاضر سروس ليفٽيننٽ جنرل جي سربراهي ۾ ڪورٽ آف انڪوائري قائم ڪئي وئي آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اٿارٽي سان رابطو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايس پي آر طرفان اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ گهرو وزارت ۽ ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو ويو.ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي سفارش تي گهرو وزارت اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب اسد دراني جو نالو گهرو وزارت جي انٽيگريٽيڊ بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *