Friday , March 29 2024

مهيش ملاڻي پهريون اقليتي ميمبر نه آهي جنهن سنڌ اسيمبلي جي پئنل آف چيئرمين طور اجلاس جي صدارت ڪئي هجي، ان کان اڳ 2002 واري اسيمبلي دوران راجوير سنگهه به صدارت ڪري چڪو آهي

samaa tv

ڪراچي: گذريل جمعي واري ڏينهن  اردو ميڊيا اه خبر بريڪنگ ڪري هلائي ته، ايم پي اي مهيش ملاڻي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون اقليتي ميمبر/ ميمبر پئنل آف چيئرمين طور سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. سمورن قومي ميڊيا جي ٽي وي چئنلز اها خبر وڏي تم تراڪ سان هلائي ۽ بريڪنگ طور نشر ڪئي. اها خبر حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي. ماضي ۾ 2002 وارين عام چونڊن دوران جنرل سيٽي ٿرپارڪر جي جنرل سيٽ پي ايس 61 تا ڪامياب ٿيل ق ليگ جي ايم پي اي راج وير سگنهه کي سنڌ اسيمبلي جي پئنل آف چيئرمين جو ميمبر هو، ان وقت سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد مظفر حسين شاهه هو. راج وير سنگه سنڌ اسيمبلي جي هڪ کان وڌيڪ ويهڪن/ اجلاس دوران پئنل آف چيئرمين جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪري چڪو آهي. پر افسووس جو ميڊيا بنا ڪنهن پڪ ڪرڻ جي ايڏي وڏي غلط خبر هلائي، جنهن تي بعد ۾ ٽي وي چئنلز جي انهن رپورٽرز جن اها خبر ”بريڪ“ ڪئي هئي اهي هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ تي به بحث ڪندا رهيا آهن. ته اها نيوز تو نه پر مان، هن نه پر هُن بريڪ ڪئي آهي. افسوس ته صرف ڏهاڪو کن سال اڳ جي دور کي به اڄوڪا رپورٽر ۽ ٽي وي چئنلز اندر ويٺل ذميوار ماڻهو ڪنهن به خبر جي پڪ/تصديق ڪرڻ جي تڪليف نه ٿا ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *