Tuesday , April 16 2024

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس نيٺ سرگرم ٿي ويو، وڏي وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) فنڪشنل ليگ جي سربراهه پيراپاڳاري جي سربراهي ۾ قائم پ پ مخالف اتحاد، سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) عام چونڊن کانپوءِ نيٺ ٻيهر سرگرم ٿي ويو آهي، ڪنگري هائوس ۾ پڇير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ذوالفقار مرزا ۽ اياز لطيف پليجو سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته، جي ڊي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪري رهيو آهي انهن ۾ جي ڊي اي کي اعتماد ۾ وٺي، بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي کي مڪمل طور تي رد ڪيون ٿان. هن چيو ته، اسان جلد سنڌ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين. جلسن ۾ وزيراعظم عمران خان کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو، گھوٽڪي واري جلسي ۾ وزيراعظم خصوصي طور شرڪت ڪندو. صدرالدين شاھ چيو ته جي ڊي اي پاران سڄي سنڌ ۾ عوامي رابطا مھم جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ان ڏس ۾ مختلف ضلعن ۾ جلسا پڻ ڪرايا ويندا. انھن جلسن ۾ وزيراعظم عمران خان کي خصوصي طور تي ڪوٺ ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *