Friday , March 29 2024

ڪنڌڪوٽ ۾ ڪارنهن تڪرار ٻن زندگين جا ڏيئا اجهائي ڇڏيا

ڪنڌڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ٻن زندگين جا ڏيئا اجهامي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پولي واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ ڪي به داخل ناهي ٿيو.

ڪچي واري علائقي جي گبلو ٿاڻي جي ڳوٺ حد شريف  ۾ قربان بنگوار جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪامل ۽ غلام حسين بنگوار موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته شمبو، رشيد، غلام حسين بنگوار سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي نوجوانن جي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ زخمين کي سول اسپتال ۾ طبي امداد ڏنو پيو وڃي. هوڏانهن مارجي ويل ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نٿو نه ئي ڪا گرفتار عمل ۾ اچي سگهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *