Friday , April 19 2024

ڪنڌڪوٽ واسي 5 ورهين جي نياڻي پوليو هجڻ جو شڪ

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪنڌڪوٽ ۾ 5 ورهين جي نياڻي کي پوليو جو مرض هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، ٻارڙي کي پوليو جو شڪ هجڻ ڪري سندس جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي طور تي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڪنڌڪوٽ شهر جي گلشير پاڙي واسي پورهيت علي اڪبر چولياڻي جي 5 ورهين جي نياڻي الهه بچائي چولياڻي کي پوليو هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.  نياڻي جي والد علي اڪبر چولياڻي جو چوڻ آهي ته، سندس نياڻي گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي وئي هئي، جنهن جو مقامي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو. هن چيو ته ڊاڪٽرن پوليو جو شڪ ڏيکاريند سول اسپتال موڪليو. سندس چوڻ هو ته، سول اسپتال جي ڊاڪٽرن به پوليو جو شڪ ظاهر ڪندي رت جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا آهن. سول اسپتال جي ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته الهه بچائي جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ئي حتمي طور ڪجهه چئي سگهجي ٿو ته کيس پوليو آهي يا نه. ڊاڪٽرن موجب شڪ آهي ته نياڻي کي پوليو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

لاڙڪاڻي ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جو رائيس ملز جي پورهيتن جي حقن لاءِ احتجاج

لاڙڪاڻو( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) وطن دوست مزدور فيڊريشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي سميت مختلف ضلعن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *