Saturday , April 20 2024

ڪلفٽن ۾ عمارت جي ليبر لفٽ ڪري پئي،5 پورهيت فوت

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪلفٽن جي شون چورنگي ڀرسان اڏاوتي ڪم دوران ڪم ڪندي لفٽ مشين ڪرڻ سبب 5 پورهيت فوت ۽ 4 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمي اسپتال منتقل. ڪراچي جي پوش علائقي بوٽ بيسن ڪلفٽن جي شون چورنگي وٽ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت لفٽ مشين(ڪم ڪرڻ واري لفٽ) ڪري پئي. لفٽ تي موجود ڪم ڪندڙ 9 کان وڌيڪ پورهيت ڪري پيا. لفٽ مشين ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 پورهيت ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 6 کان وڌيڪ زخمي پورهيتن کي اسپتال نيو پي ويو ته وڌيڪ 2 پورهيت زخمن جا سُور نه سهندي فوت ٿي ويا. فوتي پورهيتن ۾ 30 ورهين جو عبدالرحمان، 29 سالن جو رياض خان، ناصر، محمد اسد، ۽ فيصل اسلام شامل آهن. پورهيت عمارت تي شيشي لڳائڻ جو ڪم ڪري رهيا هئا ته اوچتو اُها لفٽ مشين ڪري پئي جنهن تي بيهي پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا. عمارت جي هيٺان به ڪجهه پورهيت پورهيي ۾ رڌل هئا.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *