Saturday , April 20 2024

ڪلارڪ کان معافي وٺرائڻ جو مقصد سندس آڪڙ ڀڃڻ هو: سيد سردار شاهه – وزير 5 ڪلمه مبارڪ پڙهي ٻڌائي ته انٽر جي اسيپلنگ مان ٻڌائيندس:ڪلارڪ جانب ڪيريو

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) نيو سعيد آباد ڪاليج جي ڪلارڪ جانب ڪيريو پاران شهري جي تذليل ڪرڻ واري معاملي جو تعليم کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار احمد نوٽيس وٺندي تذليل جو نشانو بڻايل شهري ظفرالله ميمڻ کان پيرين پئي معافي وٺرائي ڇڏي، تعليم واري وزير ڪلرڪ کي نوڪري مان نيڪالي ڏيندي پرنسپل کي به عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه نيو سعيد آباد ڪاليج جي ڪلارڪ جانب ڪيريو کي تذليل جو نشانو بڻايل شهري ظفرالله ميمڻ کي سومر واري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ سڏائي ڪلارڪ کي ڇنڊ پٽي. سردار شاهه جي هدايتن تي جانب ڪيريو تذليل جو نشانو بڻايل ظفرالله ميمڻ کان پيرين پئي معافي وٺرائي.

جنهن کي بعد ۾ منوڪري مان نيڪالي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. اليج جي ٻئي ڪلارڪ کي به معطل ۽ پرنسپال کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن، ڪاليج جو پرنسپال مولابخش ڪيريو، ڪلارڪ جانب ڪيريو ۽ شاگردياڻي جو والد ظفرالله ميمڻ صوبائي وزير سردار شاهه وٽ پيش ٿيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته هي ڪو  فيصلو نه هو، ڪلارڪ کي پيرين پئي معافي وٺرائڻ جو مقصد سندس آڪڙ ٽوڙڻ هو.هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪنهن ڪاليج ۾ شهري سان ٿيل واقعي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، هاڻي مان پاڻ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين جي حفاظت ڪندس. هن چيو ته شاگردياڻي جو والد ظفرالله ميمڻ چاهي ته ڪلارڪ جانب ڪيريو خلاف ڪرمنل ڪيس داخل ڪرائي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ مان ايس ايس پي مٽياري سان ڳالهايو آهي.

سردار شاهه چيو ته سسٽم بگڙيل آهي ان کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت آهي، استادن جون بند پيل آءِ ڊيز ويريفيڪشن کانپوءِ کوليون وينديون.  ظفرالله ميمڻ چيو ته ڌيءُ جي داخلا لاءِ ڪاليج جي ليڪچرار شبير چنا کان فارم ڀرائڻ ويس، مارڪشيٽ وٺڻ لاءِ ڪلارڪ وٽ ويس ته هو اڳ ئي ڪاوڙيل هو. هن چيو ته ڪاليج جي پرنسپال کي شڪايت ڪرڻ بعد ڪلارڪ ڏانهن واپس آيس ته جانب ڪيريو مون کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ تذليل ڪئي. ظفر الله ميمڻ چيو ته ڪلارڪ جانب ڪيريو ڪاليج جا انتظامي معاملا هلائيندو هو، ڌيءُ جو مستقبل تباهه ٿيڻ جي خوف مان کيس پيرين پئي معافي وٺندو رهيس. نيو سعيد آباد ڪاليج جي ڪلارڪ پاران ڌيءُ جي داخلا لاءِ پهتل والد جي تذليل ڪرڻ واري وڊيو ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد تعليم واري وزير معاملي جو نوٽيس وٺي ڪاليج انتظاميه ۽ ڪلارڪ کي پاڻ وٽ گهرايو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *