Thursday , March 28 2024

ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار سعودي شهزادو خالد بن طلال کي آزاد ٿي ويو

رياض(سنڌسماءَچار  مانيٽرن گ ڊيسڪ) اعودي حڪومت پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪيل شهزادي خالد بن طلال کي آزاد ڪيو ويو آهي، خالد بن طلال جون آزادي بعد تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن. سعودي شهزادي جي آزادي بعد جون ڪجهه تصويرون جيڪي ٽويٽر تي جاري ڪيون ويون آهن؛ انهن ۾ هُو پنهنجي گهرڀاتين سان ملندي ڏينکاريو ويو آهي. شهزادي خالد بن طلال جي ڀائيٽي ريم بنت الوليد پاران ٽويٽر تي تصويرون جاري ڪيون ويون آهن، جن سان گڏ هڪ پيغام لکيوآهي ته، ” اوهان جي حفاظت تي خدا جا شڪر گذار آهيون“. جاري ڪيل تصويرن مان هڪ تصوير ۾ شهزاده خالد بن طلال پنهنجي پٽ سان اسپتال ۾ ملڻ دوران مٺيون ڏئي رهيو آهي؛ سندس پٽ گذريل هڪ سال کان وٺي اسپتال ۾ داخل آهي، جتي هوو مسلسل ڪوما ۾ آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق اڃا تائين سعودي حڪومت ان سلسلي ۾ خالد بن طلال جي گرفتاري يا آزادي بابت ڪا به ترديد يا تصديق نه ڪئي آهي.

گذريل سال سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ملڪ اندر ڪرپشن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ  ڊائون ڪيو هو، جنهن دوران 10 کان وڌيڪ شهزادن، ڪيترن ئي اڳوڻن ۽ حاضر وزيرن کي گرفتار ڪيو ويو هو. جن ۾ امير ترين شخص ۽ اڄ آزاد ڪيل شهزاده خالد بن طلال به شامل هو. ڪرپشڻش خلاف ڪاارواين دوران 100 ارب ڊالرز کان وڌيڪ رقم جي ڪرپشن ۽ مالي گهوٻين ۾ ملوث 200 ڄڻن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو هو. گرفتار ڪيل شهزادن کي رياض ۾ وقع عاليشان قسم جي هوٽل ”رٽز ڪارلٽن“ ۾ رکيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *