Tuesday , April 23 2024

ڪراچي کي اها اهميت نه ڏني وئي جيڪا مڻ گهرجي ها: سنڌ حڪومت جو ترجمان

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته، ڪراچي شهر کي جيڪا اهميت ڏيڻ گهرجي ها اُها ملي ناهي سگهي، ڪاروباري طبقو مطمئن هوندو ته مسئلا حل ٿي ويندا. ڪراچي ۾ ڪورنگي انڊسٽريز ۽ ٽريڊرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته، ايڊمنسٽريٽرز جين مقرري کان پهريان ڪراچي ۾ مڪاني اداران جا چونڊيل نمائندا اختيارن ۽ فنڊز نه ملڻ جو راڳ ڳائيندا هئا، هاڻي فنڊز ۽ اختيار به ساڳيا آهن پر باقائدگي سان صفائي ٿي رهي آهي، گند ڪچرو کنيو وڃي ٿو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي پاڪستان جي معيشت هلائي ٿي، ملڪي معيشت جو اهم حصو ڪراچي آهي پر افسوس ته ڪراچي کي جيڪا اهميت ملڻ گهرجي ها اها نه ڏني وئي. ڪراچي جون صنعتون هلائڻ لاءِ گئس مهيا نه پئي ڪئي وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته وڏو صنعتي بحران اچي سگهي ٿو جيڪو برداشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ان کي سنڀالي سگهبو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *