Tuesday , April 23 2024

پي ٽي آءِ ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي: علي پلهه/ لالچند مالهي

ڏکئي وقت ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي: علي پلهه/ لالچند مالهي

ٽنڊوالهيار( رپورٽ: سجاد حسين سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن علي پلهه ۽ لالچند مالهي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، لاڪ ڊائون جهڙي ڏکين حالتن ۾ سنڌ جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. علي پلهه، لالچند مالهي ۽ احساس پروگرام جي ڊائريڪٽر الطاف ميمڻ احساس سينٽر نصرپور جو دورو ڪيو، ان موقعي تي مستحقن ۾ ڪفالت پروگرام جي رقمن جي ورهاست جو جائزو ورتو ۽ اتي موجود مستحقن کان سندن مسئلن بابت ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي علي پلهه ۽ انساني حقن بابت پارلياماني سيڪٽري لالچند مالهي ميڊيا سان ڳالهائين دي چيو ته، نصرپور سينٽر ضلعي جو اهم سينٽر آهي، جتي مستحق ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي مالي امداد ڏني پئي وڃي، هتي رقمن مان ڪٽوتي جون شڪايتون به ناهن مليون، شروعاتي ڏينهن ۾ ڪجهه شڪايتون مليون جن جو تڪڙو ازالو ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا دوران ڪيل لاڪ ڊائون سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مالي امداد ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جنهن تحت شفاف نموني سان رجسٽرڊ ڪري کين رقم مهيا ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي احساس ڪفالت پرگرام جي حيدر آباد ڊويزن جي ڊائريڪٽر الطاف ميمڻ علي پلهه، لالچند مالهي کي بريفنگ به ڏني

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *