Thursday , March 28 2024

ڌارين کي شهريت ڏيڻ نامنظور، سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو نادرا آفيس آڏو ڌرڻو جاري، نادرا عملي پاران ڪئمپ ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ

ڪراچي( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف ڪراچي ۾ ڪورنگي نادرا جي ميگا سينٽر ٻاهران 72 ڪلاڪن واري بک هڙتال جاري آهي. نادرا عملدارن پاران  ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ، قومپرست اڳواڻ احتجاجي ڪئمپ ختم ڪرڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن اڳواڻن زين شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امان الله شيخ، ايم پي اي شفيح محمد ڄاموٽ، دودو مهيري ۽ نواز خان زئنور جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن نادرا سينٽر ٻاهران بک هڙتال  تي ويٺا.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نادرا هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت غيرقانوني طور سنڌ ۾ ترسيل پرڏيهين خاص طور تي بنگالين ۽ برمين کي پاڪستاني شهريت ڏئي سڃاڻ پ ڪارڊ جاري ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته، نادرا جو چيئرمين تعصب پرست ۽ سنڌ دشمن ماڻهو آهي جيڪو ن ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي چُرچ تي پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي پاليسي تي عمل پيو ڪري. هنن چيو ته، نادرا چيئرمين جي نگراني هيٺ مختلف سياسي پارٽين جي سرپرستي ۾ ڌڙا ڌڙ پرڏيهين کي ڪارڊ جري ڪرائي پيو، هن وقت تائين 5 لکن کان وڌيڪ اهڙا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن.

ان موقعي تي نادرا ڪورنگي مرڪز جي ملدارن ججو هڪ وفد احتجاجي ڪئمپ تي پهچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ۽ چيو ته اوهان جا مطالب ڪنهن به صورت ۾ منظور نه ڪنداسين ۽ اوهان هي احتجاجي ڪئمپ ختم ڪيو. جنهن تي اتي موجود اڳواڻ نادرا عملي کي کُتو جاوب ڏئي ڇڏيو. اڳواڻ چتاءُ ڏنو ته غيرملڪين کي جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کين نيڪالي ڏني وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن حڪومت 72 ڪلاڪن ۾ اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ته پوءِ پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *