Tuesday , April 16 2024

ڊي جي آءِ ايس آءِ سميت پاڪ فوج جا پنج ٿري اسٽار جنرل اڄ رٽائر ٿي ويندا

اسلام آٻاد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ جنرل نويد مختار سميت پاڪ فوج جا 5 ٿري اسٽار جنرل اڄ پهرين آڪٽوبر تي رٽائر ٿي ويندا. ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪ آرمي جي 5 ٿري اسٽار جنرلز جي سروسز جو مدو پهرين آڪٽوبر 2018 تي مڪمل ٿي ويندو ۽ اُهي رٽائر ٿي ويندا. رٽائر ٿيندڙ پاڪ فوج جي جنرلن ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرلنذير احمد بٽ، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ (اي ايس ايف سي) جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ميان محمد بلال حسين، جنرل هيڊ ڪوارٽرز ( جي ايڇ ڪيو) جو ملٽري سيڪريٽري ليفٽيننٽ جنرل غيور محمود ۽ انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ انيڊ ايوايشن جي ايڇ ڪيو، ليفٽيننٽ جنرل هدايت الرحمان شامل آهن.

رٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار 1983 ۾ آرمڊ ڪور رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. ڪمانڊ اينڊ استاف ڪلايج ڪوئيٽا، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي وار ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي.نويد مختار ميڪنائزڊ ڊويزن جي به ڪمانڊ سنڀالي ۽ ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقي ماڻڻ کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل آف رينجرز به رهيو. ان کانپوءِ سيپٽمبر 2014 ڪور ڪمانڊر ڪراچي به رهيو ۽ ترقي ماڻڻ بعد 11 هي ڊسمبر 2011 تي ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ مقرر ٿيو. رٽائر ٿيندڙ ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ به 1983 ۾ فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اين ڊي يونيورسٽي اسلام آباد مان گريجوئيٽ ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل نذير احمد بٽ وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري طور به ذميوارفيون سنڀاليون ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي ڊفينس اتاچي به رهي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *