Thursday , April 25 2024

ڊي ايڇ اي ۾ زم زما جي هوٽل جي زهريلي کاڌي ٻن معصوم ٻارن جو حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڊفينس جي زم زما ڪمرشل ايريا جي هگڪ هوٽل جو زهريلو کاڌو کائڻ جي نتيجي ۾ ٻن سڳن ڀائرن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، سندن امڙ زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي اسپتال داخل، پوليس ۽ فوڊ اٿارٽي هوٽل مان کاڌي جا سمپل وٺي هوٽل سيل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي گهڻ پاسائين جاچ ڪئي پئي وڃي. ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو ڪراچي جي انتهائي پوش علائقي ڊفينس جي زم زما ڪمرشل ايريا جي هڪ هوٽل ۾ ماني کائيندڙ ماءُ ۽ سندس ٻه معصوم پٽ، 5 سالن جو محمد ۽ ڏيڍ سال جو احمد گهر پهچڻ بعد بيهوش ٿي ويا، جن کي آچر واري ڏينهن منجهند جوگهر ڀاتين بيهوش ڏسي فوري طور تي هڪ نجي اسپتال کڻائي پهتا، جتي ٻئي ڀائر احمد ۽ محمد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. ڊاڪٽرن بيهوش ٿيل ٻارڙن جي امڙ جي حياتي بچائي ورتي آهي.

واقعي بابت ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي ايس ايس پي پير محمد شاهه ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته، گذريل رات متاثر خاندان جي ٻارن اڳ ۾ هڪ پلي لينڊ تان ٽافيون، آئس ڪريم ۽ چپس کاڌي هئي؛ جنهن کانپوءِ انهن ڪلفٽن جي علائقي زم زما جي هڪ ريسٽورنٽ تي ماني کاڌي هئي. ايس ايس پي چيو ته، متاثر خاندان تقريبن رات 11هين وڳي ماني کاڌي ۽ صبح 5 کان 6 جي وچ ۾ ٻن ٻارن ۽ سندن ماءُ جي طبعيت خراب ٿي، کين الٽيون ٿيون ۽ ٽنهي کي ٻيپهري مهل هڪ خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته، اسپتال انتظاميا موجب ٽنهي کي اسپتال آندو ويو ته انهن جي حالت خراب هئي، ٻئي ٻار علاج دوران فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن امڙ جي طبعيت ناساز آهي. فوت ٿيل ٻارن ۾ 5 سالن جو محمد ۽ ڏيڍ سال جو احمد شامل آهي. ايس ايس پي ٻڌايو ته ريسٽورنٽ ۽ پلي لينڊ کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوڊ اٿارٽي کي به جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اڃا تائين خراب کاڌي جي ٻي ڪا دانهن ناهي ملي پر اسان ان ڳالهه جو به جائزو وٺنداسين ته ان وقت ٻيا ڪيترا ماڻهو ريسٽورنٽ ۾ موجود هئا، جن ماني کاڌي ۽ سندن طبعيت ڪيئن آهي. هوڏانهن ڪراچي پوليس چيف امير شيخ ايس ايس پي ڏکڻ پير محمد شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ايس ايس پي طارق ڌاريجو ۽ اي ايس پي ڪلفٽن به شامل هوندا. ايڊيشنل آءِ جي موجب جاچ ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *