Friday , March 29 2024

ڊيمن خلاف ڳالهائڻ تي توهين عدالت ڪيس، فيصل رضا عابدي جيل حوالي،پوليس سيشن جج جي سوالن جا جواب نه ڏنا

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي سيشن جج جي عدالت اڳوڻي سينٽر فيصل رضا عابدي کي ڊيمز توڙي پاڻي ذخيرن بابت ڳالهائڻ ۽ ججز بابت رمارڪس ڏيڻ واري ڪيس ۾ جيل موڪلي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس فيصل رضا عابدي کي هٿڪڙيون هڻي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر کان پڇا ڪئي ته، ڇا فيصل رضا عابدي کي جنهن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ان لاءِ سپريم ڪورٽ جي پي آر او / ترجمان خط /ليٽر موڪليو هو؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته فيصل رضا عابدي خلاف پوليس جي هڪ اي ايس آءِ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ميڊيا رپورٽس مطابق پوليس جي موقف تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سهيل ناصر سواليا انداز ۾ چيو ته، پوليس کي اهو ٻيو نظر ڇو ڪون پيو اچي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي؛ اهي امتيازي/ ٻٽو رويو ڇو اختيار ڪيو پيو وڃي؟ هن چيو ته حيرانگي ٿي رهي آهي ته اسلام آباد پوليس ايتري ذميوار ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿي آهي؟ هتي ته ماڻهو درخواستون ڏيندي ڏيندي مري ويندا آهن پر ڪارروائي ٿيندي ئي ناهي. سيشن جج جو چوڻ هو ته، ميڊيا تي روزانو عدليا جي خلاف جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اُه اوهان کي نظر نه ٿو اچي، باقي هڪ شخص جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري رهيو هو ته ان کي گرفتار ڪري ورتو اٿؤ. رپوٽس مطابق، جج سهيل ناصر شنوائي دوران وڌيڪ چيو ته، مان ڪنهن جي به حمايت يا مخالفت نه ڪري رهيو آهيان صرف ۽ صرف برابري واري نظام جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته هتي هر ڪنهن کي پنهنجي وردي جي لڳل آهي. هاڻي ته دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي شق 7 ( سيون اي ٽي اي/  7/ATA ) کي ته مذاق بڻايو ويو آهي، جنهن جي دل چوي ٿي اهو ڪنهن تي سيون اي ٽي اي لڳائي ٿو ڇڏي. شنوائي دوران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد استفسار ڪيو ته، هتي اهڙن ماڻهن کي به اشتهاري ملزم / جوابدار قرار ڏنو وڃي ٿو، جيڪي تقريرون ڪندا وتندا آهن، طاهرالقادري ۽ عمران خان کي به اشتهاري قرار ڏنو ويو پر اُهي تقريرون ڪندا رهيا. سيشن جج چيو ته، ڇا فيصل رضا عابدي کي ان ڪيس ۾ پهريان گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي؟ جنهن تي پوليس جي پراسيڪيوٽر/سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس ٽيم فيصل رضا عابدي جي گرفتاري لاءِ ڪراچي وئي هئي پر کيس گرفتار ڪري نه سگهي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *