Friday , April 19 2024

ڊيمز ۽ پاڻي معاملن تي ڳالهائڻ وارو ڪيس، اڳوڻو سينيٽر فيصل رضا عابدي گرفتار

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اسلام آباد پوليس اڳوڻي سينٽير فيصل رضا عابدي کي گرفتار ڪري سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس هڪ ويب ٽي وي تي فيصل رضا عابدي خلاف پاڻي ۽ ڊيمز جي معاملن بابت عدالت ۽ ججز بابت ڳالهائڻ تي اسلام آباد جي سيڪريٽ ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم به لڳايا ويا هئا. سپريم ڪورٽ فيصل رضا عابدي جي ان انٽرويوءَ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي کيس عدالت آڏو پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪيا ويا هئا. جنهن بعد اسلام آباد جي سيڪريٽريٽ ٿاڻي تي فيصل رضا عابدي خلاف ايف آءِ آر به داخل ڪئي وئي هئي. فيصل رضا عابدي خلاف داخل ڪرايل ڪيس ۾ سيون-7 اَي ٽِي اي وارو قلم (دهشتگردي ايڪٽ) به لڳايو ويو هو. فيصل رضا عابدي اڄ اربع ڏينهن پاڻمرادي نوٽيس واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿيو، جتان شنوائي ختم ٿيڻ بعد هُو واپس وڃي رهيو هو ته پوليس کيس سپريم ڪورٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *