Tuesday , April 23 2024

چيف سيڪريٽري سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن جا ڊوميسائل ٺهڻ جو نوٽيس ورتو

چيف سيڪريٽري جعلي ڊوميسائيل ٺهڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم، نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) خيرپور، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن جا ڪوڙا ڊوميسائل ٺحن واري معاملي جو چيف سيڪريٽري نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻين صوبن جي مستقل رهائشي ماڻهن جا جعلي ڊوميسائل ٺهڻ وارين خبرن جو نوٽيس وٺندي معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز کي معاملي جي اڻڌري ۽ شفاف جاچ ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. چيف سيڪريٽري سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو قاضي شاهد پرويز کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڊوميسائيل معاملي جي مڪمل ۽ گهڻ پاسائين جاچ ڪري جلد کان جلد کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري سيڪريٽريٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ان معاملي جي جاچ بابت نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو، جيئن ئي سرڪاري موڪلون ختم ٿينديون ته نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *