Wednesday , April 24 2024

چمبڙ ويجهو مسڻ مان 14 ورين جي نينگري انيتا ڪولهي اغوا، ٽنڊو الهيار پوليس خاموش تماشائي بڻيل

چمبڙ (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) چمبڙ ڀرسان وڏي مسڻ واري علاقئي مان پورهيت فوٽو ڪولهي جي 14 ورهين جي نياڻي کي هٿياربند اغوا ڪري ويا، نينگري جي والد جو چوڻ آهي ته بااثر جوابدار نياڻي کي اغوا ڪري ويا آهن ، سندس زبردستي مذهب تبديل ڪرايو ويندو، پوليس سندس فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي. ٽنڊو الهيار ضلعي جي وڏي مسڻ مان 8 هٿياربند ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هندو نينگري 14 ورهين جي انيتا ڪولهي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، نينگري جي والد پورهيت ڦوٽو ڪولهي دانهيو ته سندس 14 ورهين جي ڌيءُ شريمتي انيتا کي مذهب تبديل ڪرائڻ لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي. فوٽو ڪولهي دانهيندي چيو ته، سندس نياڻي ٻني مان گاهه ڪري رهي هئي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار بروهي برادري جا 8 جوابدار کيس کنڀي ويا. هن روئيندي ٻڌايو ته بااثر جوابدار صابر بروهي سندس ڌيءُ جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائي ساڻس شادي ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ساٿين سان گڏجي ڌيءُ کي اغوا ڪيو آهي.هن ٻڌايو ته واقعي کي 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود مسڻ پوليس نه بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ نه ئي سندس ڌيءُ جي بازيابي لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ ورتا آهن، هن چيو ته پوليس سندس فرياد وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *