Saturday , April 20 2024

ٿر ڪول جي 450 ملازمن کي 5 مهينن جون پگهارون نه مليون، بک هڙتال جاري

اسلام ڪوٽ(رپورٽ: ڀاواني راجا    سنڌسماءَچار) ٿر ڪول تي ڪم ڪندڙ ملامزن کي گذريل چئن مهينن کان پگهارون نه ملي سگهيون آهن، پگهارون نه ملڻ جي نتيجي ۾ 450 ملازم معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن، متاثرن جو چوڻ آهي ته، ٿرڪول جو بلاڪ نمبر 5 جو ڪم رولڙي جو شڪار آهي ۽ مشينري به تباهه ٿي رهي آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ٿرڪول بلاڪ نمبر پنج جي ملازمن چئن مهينن کان پگهارن نه ملڻ خلاف ڊاڪٽر ماڻڪ، اسماعيل بوهڙ، منسک ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 33 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتگي بک هڙتال جاري رکي. ڊاڪٽر ماڻڪ ۽ اسماعيل بوهڙ جو چوڻ آهي ته، ساڍا چار سوئو ملازمن کي پگهارون نه ملڻ جي نتيجي ۾ سندن خاندان سخت معاشي بحران جي ور چڙهي  ويا آهن. هنن چيو ته پگهارون بند هجڻ سبب هاڻي دوڪاندارن به اوڌر تي سيڌو سامان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙ ٿرڪول جي ملازمن جو چوڻ هو ته، ڪروڙين رپين جي لاڳت وارو پروجيڪٽ رولڙي جو شڪار بڻجي ويو آهي، جنهن جي مشينري سڙي رهي آهي. چئن مهينن کان 460 ملازمن کي پگهارون نه ٿيون ڏنيون وڃن، جنهن ڪري سندس گهرن ۾ ڦاڪا ڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي. هنن ميڊيا آڏو دانهيندي وڌيڪ ٻڌايو ته، پگهارون نه ملڻ ڪري مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سمورن ملازمن کي رهيل پگهارون ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *