Saturday , April 20 2024

پ پ ۽ ن ليگ سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ لاءِ سرگرميون وڌائي ڇڏيون

اسلام آباد/ ڪراچي( رپورٽرز   سنڌسماءَچار) سياسي جماعتن پاران سينيٽ ۾ پنهنجو چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آڻڻ لاءِ ڪوششون ۽ رابطا تيز، فاٽا مان چونڊيل آزاد سينيٽر مرزا آفريدي جي نون ليگ ۾ شموليت، پ پ اڳواڻ قيوم سومري فضل رحمان سان ملاقات ڪري آصف زرداري جو پيغام پهچايو، رحمان ملڪ  جي مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات، پيپلزپارٽي تحريڪ انصاف سان به رابطو ڪري ورتو، ڊپٽي چيئرمين جو عهدو ڏيڻ جي آڇ، يار محمد رند جي قيادت ۾ وفد جي بلوچستان ۾ آزاد اميدوارن سان ملاقات. ان سلسلي ۾ ن ليگ به سينيٽ جي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين آڻڻ لاءِ پنهنجيون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد ۾ چوڌري منير جي گهر ۾ نواز ليگ جي قائد ميان محمد نوازشريف جي سربراهي ۾ غير رسمي مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مريم نواز، مصدق ملڪ ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، اجلاس ۾ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي چونڊ لاءِ مشاورت ڪئي وئي، جڏهن ته عهدن جي لاءِ اميدوارن جي نالن تي به غور ڪيو ويو.  ذريعن موجب، اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن سان رابطا ڪرڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته رابطن لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به امڪان آهي.

ٻئي طرف فاٽا مان آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيل سينيٽ اميدوار مرزا آفريدي  نوازشريف سان ملاقات ڪري نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. سينيٽ جي تازين چونڊن بعد مسلم ليگ نون جون 33 سيٽون آهن، جڏهن ته پيپلزپارٽي جون 20 سيٽون آهن، جيڪا ٻئي نمبر تي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف 12 سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي به پنهنجو سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين چونڊرائڻ لاءِ جي يو آءِ سميت مختلف پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. پيپلز پارٽي جي سينيٽر قيوم سومرو آصف زرداري جي هدايتن تي، فضل الرحمان سان ملاقات ڪري آصف زرداري جو پيغام پهچايو. پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي هدايت تي قيوم سومري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران قيوم سومري فضل الرحمان کي آصف علي زرداري جو خاص پيغام پهچايو آهي. ذريعن موجب قيوم سومري فضل الرحمان کي آصف زرداري سان ملاقات به ڪرڻ جو چيو آهي جنهن بعد ٻنهي اڳواڻن ۾ جلد ملاقات جا امڪان آهن. اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري سان ملاقات ڪري سينيٽ جي نئين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ بابت غور ويچار ڪيو ويو. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن بعد پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف سان به رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب پ پ پاران سينيٽ چيئرمين جي چونڊ دوران حمايت ڪرڻ جي صورت ۾ پي ٽي آءِ کي ڊپٽي چيئرمين جو عهدو ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *