Thursday , April 25 2024

پ پ، ن ليگ، اي اين پي ۽ ايم ايم اي پارليامينٽ ۾ ويهڻ تي راضي

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) پيپلزپارٽي، نون ليگ، جي يو آءِ ۽ اي اين پي تي ٻڌل گرينڊ اپوزيشن الائنس چونڊ نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين، سمورين جماعتون حلف کڻڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، نون ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي. اسلام آباد ۾ پ پ، نون ليگ، جي يو آءِ، اي اين پي جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ چونڊن کانپوءِ واري صورتحال سميت وفاق ۾ اپوزيشن بابت غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمورين پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي پر پارلياماني فورم خالي نه ڇڏيو ويندو. اسيمبليز جي اندر توڙي ٻاهر سخت احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پنجاب ۾ نون ليگ جي حمايت عيوض بلاول کي وفاق ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي نون ليگ پارٽي اجلاس ۾ پ پ جي مطالبي تي غور ويچار جي خاطري ڪرائئي.اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر مضبوط اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪنداسين. يوسف رضا گيلاني چيو ته سمورين جماعتن چونڊ نتيجن کي رد ڪيو آهي، ڌانڌلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪنداسين. پ پ اڳواڻ چيو ته اجلاس دوران سمورين پارٽين کي پارليامينٽ نه ڇڏڻ لاءِ راضي ڪيو آهي. نون ليگ اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو آئيني ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي تنهنڪري چيف اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان اسيمبليز ۾ ويهڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چيو ته عوامي مينڊيٽ چوري ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. اي اين پي اڳواڻ چيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي جو داغ نٿو ڌوئي سگهجي، اسان سمورين پارٽين سان گڏ آهيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *