Tuesday , August 11 2020
uren

پڙهڻ جي عادت  – يوسف سيف

پڙهڻ جي عادت  – يوسف سيف

الله تعاليٰ هر انسان کي ڪيترين ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي، ان ڪري پاڻ کي ڪنهن به ٻئي انسان کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي ۽ ڪنهن ٻئي کي به پاڻ کان گهٽ نه سمجهڻ گهرجي، دراصل سمورا انسان برابر آهن پر ڪن انسانن کي خداتعاليٰ پنهنجي پاران ڪجهه صلاحيتون ڏيندو آهي ته وري ڪيترائي ماڻهو ماحول، حالتن ۽ موروثي تربيت جي بنيادن تي ٻين کان مختلف ۽ منفرد بڻجي ويندا آهن. ”پڙهڻ، ترڻ ۽ گهوڙي سواري، ننڍي هوندي سکيو ته سکيو نه ته وڏي هوندي وڏي خواري“ هي هڪ چوڻي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ان لحاظ کان تمام گهڻي شاهوڪار آهي جو ان ۾ ڪيتريون ئي نصيحت ڀريون چوڻيون، پهاڪا، محاورا ۽ لوڪ ڏاهپ جا ڏس آهن. چوڻيون حقيقت ۾ سماجي تجربي جي ورهين جي نچوڙ تي مشتمل يا ٻڌل هونديون آهن ۽ انهن ۾ فرد جي لاءِ نصيحت، رهنمائي، ڏس ۽ گس هوندا آهن.

چوندا آهن ته عادت عضوو ٿي ويندي آهي، جيئن انسان جا هٿ، پير، دل ۽ ٻيا عضوا ڪم ڪن ٿا عادت پڻ ايئن ڪم ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪا سٺي عادت بڻجي وڃي يا پڪي ٿي وڃي ٿي ته ان مان ڪيترائي فائدا ٿين ٿا، ان لاءِ اهو پڻ چئبو آهي ته هڪ سٺي عادت تي خرچ صفا نه ٿيندو آهي پر ان مان فائدا تمام گهڻا ٿين ٿا. ڪنهن به ڪم/عمل کي دهرائجڻ سان اهو عادت ٿي ويندو آهي.پڙهڻ يا مطالعو ڪرڻ به هڪ سٺي ۽ بهترين عادت آهي، هر شخص هن دنيا، ماحول، درپيش مسئلن ۽ معاملن کي سمجهڻ چاهيندو آهي ان سلسلي ۾ مطالعو، پڙهائي، علم حاصل ڪرڻ ۽ ڄاڻ وٺڻ، هن جي مدد ڪن ٿا.

انسان کي پڙهڻ جي عادت پئدا ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي يا ان جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ ان سلسلي ۾ ڪجهه بنيادي ۽ اهم ڳالهيون اوهان کي ٻڌائجن ٿيون، جنهن سان اوهان پڻ پڙهڻ/مطالعي جي عادت پئدا ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ اڄڪلهه علم جا ڪيترائي ذريعا ۽ وسيلا موجود آهن پر ان هوندي به پڙهڻ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ريڊيو، ٽي وي ۽ انٽرنيٽ موجود هئڻ باوجود پڙهڻ هڪ جدا شيءِ آهي، اهو هڪ جدا بحث آهي ته درست معلومات ٽي وي ذريعي نٿي ملي سگهي يا ملي سگهي ٿي پر ڪيترن ئي تعليمي ماهرن جي اها راءِ آهي ته پڙهائي، پڙهڻ يا مطالعو ماڻهو جي ذهن تي تمام گهڻو، ديرپا ۽ هاڪاري اثر وجهي ٿو. پڙهائي تخليقي صلاحيت کي وڌائي ٿي. مطالعو ئي ذهن کي وسيع ڪري ٿو، سوچڻ جي صلاحيت ۽ سگهه وڌائي ٿو ۽ انساني ذهن کي سوچڻ ۽ ويچارڻ طرف وڌيڪ بهتر نموني مائل ڪري ٿو.

تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان ۾ اڳ پڙهڻ جي عادت نه آهي ته اها پئدا ڪريو، ان لاءِ پهرين يا شروع ۾ اوهان اهڙا موضوع اهڙو ڪتاب يا اهڙي مضمون جي چونڊ ڪريو، جنهن ۾ اوهان جي دلچسپي هجي، اڃا به ائين ڪريو جو ڪو ڪتاب آهي ته ان جي فهرست ۾ ڏنل عنوان، مضمون يا موضوع ڳوليو، پڙهو ۽ پوءِ پنهنجي پسند جي عنوان کي پڙهڻ جي شروع ڪريو، پر جيڪڏهن اوهان جي دلچسپي ان ۾ پئدا نٿي ٿئي ته پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو. وري اهو سوچيو ته ڪٿي ايئن ته نه آهي جو اوهان لفظن جي معنيٰ سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري نه پڙهي سگهيا، يا اهو موضوع اوهان جي ذهني سطح کان مٿي هو ان ڪري نه پڙهي سگهيا يا اوهان ان مضمون کي وچ مان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ان جا شروعات يا بنيادي نقطا نه سمجهيا آهيو، ان ڪري اوهان کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سڀني کان پهرين پڙهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان جيڪو ڪجهه پڙهو ٿا ان جو هڪ هڪ لفظ سمجهي ڪري پڙهو، جيڪڏهن لفظ ڏکيا آهن ته اهي نوٽ ڪريو، ان جي معنيٰ، لغت، ڊڪشنري ۾ ڏسو ۽ اوهان چاهيو ته ان لفظ جا مختلف استعمال پڻ پڙهو ڏسو يا ڪنهن دوست سينئر کان يا پنهنجي ڪنهن استاد کان انهن لفظن جي معنيٰ ۽ انهن جي درست معنيٰ توڙي استعمال بابت معلوم ڪريو. ان سان اوهان وٽ لفطن جو ذخيرو وڌندو، ان جي درست استعمال جو پتو پوندو.

پڙهڻ لاءِ اها ڳالهه به ضروري آهي ته جڏهن اوهان ڪجهه پڙهو ته اوهان جي ذهن تي ڪو ٻيو بار، ٻيو ڪو ڪم يا ڪو ٻيو دٻاءُ نه هئڻ گهرجي. مثال طور اوهان ڪا ڪهاڻي، ڪو ڪتاب، ڪو مضمون يا ڪا شاعريءَ پڙهڻ شروع ڪئي هجي ۽ عين ان وقت اوهان کي مٿي ۾ سور هجي، پيٽ ۾ سور محسوس ٿئي يا ڪو ٻيو ضروري ڪم ذهن تي سوار هجي ته پوءِ ان حالت ۾ اوهان پڙهي ته ويندا پر جيڪا ڳالهه اوهان پڙهي رهيا هوندا، اها ذهن ۾ نه رهندي، ڇاڪاڻ جو ان وقت اوهان جو ذهن ڪنهن ٻئي دٻاءَ يا بار هيٺ آيل هوندو آهي. ان جو ڪو فائدو نه ٿيندو.  پڙهڻ لاءِ اهو به ضروري آهي ته اوهان اها ڳالهه، اهڙو عنوان، اهڙو مضمون پڙهو جنهن جي اصطلاحي ٻوليءَ اوهان سمجهي سگهو. اهڙو ڪتاب پڙهو جيڪو اوهان جي ذهني سوچ جي سطح مطابق هجي، ٻي صورت ۾ اوهان ان مان تڪڙو بيزار ٿي پوندا ۽ پڙهڻ کان پري ٿي ويندا. مطالعي دوران اهو ئي تصور ڪرڻ گهرجي ته اوهان کي ٻيو ڪوبه ڪم ڪرڻو نه آهي. ايئن ٿورو ٿورو پڙهڻ سان پڙهڻ جي هڪ عادت ٺهي ويندي. مطالعي دوران انسان جي حواسن تي آواز، گوڙ، ڌپ، بدبوءِ، موسم جو  ۽ ماحولياتي حالتون پڻ تمام گهڻو اثر انداز ٿين ٿيون. ڪٿي گوڙ هجي ۽ اوهان ڪجهه پڙهڻ چاهيندا ته اوهان يڪسوئي سان پڙهي نه سگهندا.

پڙهڻ جي عادت پئدا ڪرڻ لاءِ اوهان پنهنجي طور تي ٿورو سوچي، پنهنجي چوڌاري پکڙيل ماحول، مسئلن ۽ حالتن کي نظر ۾ رکي پڙهڻ يا مطالعي جي ڪوشش ڪريو، ضرور ان ۾ اوهان کي ڪاميابي ٿيندي ۽ ڪجهه وقت پڙهڻ سان اها عادت بڻجي ويندي، ان سان اوهان کي مزو به ايندو ۽ دنيا کي سمجهڻ ۽ علمن کي پروڙڻ جو تجسس پڻ پئدا ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نصير سومرو جو نثر – يوسف سيف

Share this on WhatsAppنصير سومرو جو نثر – يوسف سيف يوسف سيف نصير سومري جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *