Tuesday , April 23 2024

پي ٽي آءِ ۽ متحده آئين مطابق صوبن کي ڪوٽا تي عمل ڪرائڻ ۽ ڪوٽا جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ متحده پاڪستان پاڪستان جي آئين مطابق صوبن لاءِ مقرر ڪيل مختلف قسمن جي ڪوٽا ڏيڻ جي مخالفت ڪندي ان کي غير اسلامي ۽ غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽ جي اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي سينيٽر رضا رباني سينيٽ ۾ ڪوٽا سسٽم تي عملدرآمد لاءِ بل پيش ڪيو ته، قانون واري وزير فورغ نسيم ان جي مخالفت ڪئي. رضا رباني ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته، ڪوٽا سسٽم تي عمل نه پيو ٿئي، جنهن تي فوري طور عمل ڪرايو وڃي. قانون واري وزير فروغ نسيم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو چئي ٿو ته ڪوٽا سسٽم غير شرعي آهي، ٻيو فيصلو آهي ته ٻيو ملڪ ۾ ڪو به علائقو پٺ تي پيل نه آهي، شبلي فراز چيو آهي ته ڪوٽا سسٽم کي اڳتي وڌائڻ نه ٿا چاهيون. پٺ تي پيل علائقن کي ڏسڻو پوندو.

ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران سينيٽر رضا رباني ڪوٽا سسٽم تي عمل درآمد نه ٿيڻ تي بل پيش ڪيو. رضا پاران ڪوٽا سسٽم جي حوالي سان آئين ۾ ترميم واري بل کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.  سينيٽر رضا رباني چيو ته ڪوٽا سسٽم تي عمل نه پيو، جيڪڏهن عمل ٿي وڃي ته پٺ تي پيل علائقن کي فائدو پهچندو.قانوني واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو چئي ٿو ته ڪوٽا سسٽم غير شرعي آهي، جڏهن ته ٻيو فيصلو چئي ٿو ته ملڪ ۾ ڪو به علائقو پٺ تي پيل نه آهي.  شبلي فراز چيو ته سمورن صوبن کي هڪ سطح تي آڻڻو پوندو، اسان ڪوٽا سسٽم کي اڳتي وڌائڻ نه ٿا چاهيون، پر پٺ تي پيل علائقن کي ڏسڻو پوندو.  اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر ميان رضا رباني چيو ته ارڙهين ترميم کي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ نٿو ڪري سگهجي. رضا رباني چيو ته صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي پر اختيار گهٽائڻ جي گنجائش نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *