Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف ۾ جهيڙو چوٽ چڙهي ويو

سنڌ حڪومت وفاقي وزيرن جي صوبي ۾ داخلا تي پابندي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي بنياد تي آصف زرداري، بلاول، فريال ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه سميت پ پ قيادت جي ويجهن ڪاروباري ۽ ٺيڪيدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ کانپوءِ، پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ تڪرار چوٽ چڙهي ويو آهي. وفاقي ڪابينا پاران  آصف، بلاول، فريال ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍڻ واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت به ميدان ۾ لهڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي ايوان ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي انحرافي ڪري رهي آهي. عدالتي هدايتن باوجود پيپلز پارٽي جي قيادت جا نالا اي سي ايل مان خارج ناهن ڪيا ويا. هن چيو ته وفاقي حڪومت اسان کي مجبور نه ڪري، جيڪڏهن نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت جو به اختيار آهي ته، پي ٽي آءِ جي وزير جيڪي بدزباني ڪري رهيا آهن انهن جي سنڌ اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي. صوبائي حڪومت جو اختيار آهي ۽ وڏي وزير کي درخواست ڪري سگهون ٿان پي ٽي آءِ جا وزير بدزباني ڪري رهيا آهن جنهن سان امن ۾ خلل پئجي سگهي ٿو. انهن جي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *