Saturday , April 20 2024

پيپلزپارٽي وفاقي وزير علي زيدي خلاف اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو تي

ڪراچي ( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار ) پاڪستان پيپلزپارٽي وفاقي وزير علي زيدي خلاف اڇو چٺو جاري ڪري ڇڏيو، ڪي پي ٽي ۾ ۾ من پسند ۽ شپنگ ڪمپنين جو ڪاروبار ڪندڙ .انھن کي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر مقرر ڪرڻ سميت ڪرپشن جا الزام مڙهي ڇڏي آھن. ڪراچي ۾ صوبائي وزير سعيد غني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم اين اي عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻن سالن کان قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي قيادت کي نشانو بڻايو پيو وڃي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڌر بڻجي ويو آهي، سندس خلاف بي اعتماد وارِي رِٿ آڻڻ لاءِ نون ليگ سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون اسپيڪر جو ڪردار مڪمل طور جانبداراڻو ٿي ويو آهي پ پ ايم اين اي قادر پٽيل پورٽ اينڊ شپنگ وارِي وزارت بابت وائيٽ پيپر پڌرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بچت جون ڳالهيون ڪندڙ علي زيدي 24 لک رپين جِي آفيس ٺهرائي آهي، مسواڙ وارَي گهر تي 20 لک رپيا خرچ ڪيا، ليز تي پابندي باوجود پلاٽ ليز ڪيو ويو، ڪي پي ٽي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائڻ جِي سازش ٿي رهي آهي، نيوي جَي حاضر سروس آفيسر کي اَي ڊي سي رکيو ويو آهي، ھن چيو ته هينئر ڪي پي ٽي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، قادر پٽيل چيو ته پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجِي اَي ٽي ايمز جو قرض لاهي رهي آهي. ان موقعي تي، صوبائي وزير سعيد غني وفاقي وزير علي زيدي کي مناظري جو چئلينج ڏئي ڇڏيو، سعيد غني چيو ته عذير بلوچ بابت جَي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڪنهن به پ پ اڳواڻ جو ذڪر ناهي، علي زيدي هٿ ٺوڪيا ڪاغذ هوا ۾ لوڏَي ڪوڙ ڳالهايو، سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي حڪومتي تحويل ۾ ورتو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *