Friday , March 29 2024

پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت، 12 سالن جي ڪارڪردگي،5 هزار اسڪول بند ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت صوبي ۾ بند پيل 5 هزار اسڪولن کي بند ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، تعليم کاتي جي صوبائي وزر اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي پنج هزار اسڪولن کي بند ڪري استادن سميت ٻيو اسٽاف ضرورت وارن ٻين اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو. سنڌ جي تعليم کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جوابن واري وقفي دوران ايم پي ايز پاران لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، سنڌ ۾ هن وقت به 5 هزار اهڙا اسڪول آهن جن ۾ ٻارن جي داخل تمام گهٽ آحي، اڪثر اسڪولز ۾ ته ٻارن جي داخلا آهي ئي نه، انڪري سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اهڙن سمورن اسڪولن کي بند ڪيو ويندو. جيڪي پنج هزار اسڪول بند ڪيا ويندا انهن ۾ مقرر ٿيل استاد ۽ ٻئي عملي کي اهڙڻ اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويندو جتي عملي جي ضرورت هوندي.

تعليم کاتي جي وزير سعيد غني جي اهڙي اعلان تي فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت صحر عباسي چيو ته سنڌ حڪومت 12 سالن کان اقتدار ۾ آهي پر بند پيل اسڪول کولرائي نه سگهي آهي پر هاڻي وري انهن کي کولڻ بدران مورڳو ئي بند ڪيا پيا وڃن سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير پير مظهر الحق، ڄام مهتاب ڏهر، نثار کهڙُ سردار شاهه هاڻي سعيد غني آهي، سنڌ جي تعليم سان مذاق ڪيو پيو وڃي، چئو ٿا ته اسڪولن ۾ ٻارن کي بسڪيٽ ۽ کير به مهيا ڪيو پيو وڃي، گهڻو پري نه ٿا وڃون ڪراچي شهر جي اسڪولن ۾ هلي ٻارن کان پڇون ٿا ته، ” بچو ڪيا آپڪو اسڪول ۾ دودهه ملتا هئ، ڪيا آپڪو بسڪيٽ کلائي جاتي هين“، هن چيو ته صرف منصوبا شروع ڪري رڳو فنڊز هڙپ ڪيا پيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *