Thursday , April 25 2024

پيٽروليم واري وزير سرورخان کي گئس بحران جو ڪارڻ سمجهه ۾ آيو يا نه؟؟

ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) قوم کي تبديلي جو خواب ڏيکاريندڙ وزيراعظم عمران خان جون دعوائون سندس هڪ وزير پڌريون ڪري ڇڏيون آهن؛ پيٽروليم واري وزارت جي وفاقي وزير غلام سرور خان اعتراف ڪيو آهي ته هُو گئس بحران جو ڪارڻ سمجهي ناهي سگهيو، سوئي سائودرن گئس ڪمپني جي اختيارين سان ملاقات ۾ مسئلو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪراچي ايس ايس جي سي اختيارين سان گئس بحران بابت اجلاس بعد ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته، ايس ايس جي سي جي اختيارين سان ٿيل اجلاس دوران ، گئس بحران جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، اسان معاملي جي خرابين جو به جائزو وٺي رهيا آهيون، صحافين پاران پڇيل سوال جو مختصر جواب ڏيندي پيٽروليم واري وفاقي وزير سرور خان چيو ته، هُو گئس بحران مسئلو جلد حل ڪري وٺندو پر اڃا تائين هُو اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته گئس بحران جو ڪارڻ ڇا آهي ۽ مسئلو ڇا آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *