Thursday , April 18 2024

پنجاب – گهٽ گئس جي پئداوار، سڀ کان وڌيڪ گئس جو استعمال

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت هر دور ۾ ملڪ ۾ قدرتي گئس جي سڀ کان وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ صوبي سنڌ کي ملڪي آئين جي خلاف ورزي ڪندي؛ سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻدي رهي آهي، جنهن جو خميازو تازو لڳ ڀڳ هڪ هفتي کان سنڌ ڀوڳي رهي آهي. پيٽرول ۽ گئس جي معاملن کي هلائيندڙ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا)، سوئي سائودرن گئس ڪمپني ۽ سوئي نادرن گئس ڪمپني جي گڏيل غير آئيني، غير قانوني ۽ غير اخلاقي قدم کڻندي سنڌ جي گئس گهٽائي پنجاب کي مهيا ڪئي وئي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو گهريلو ٻارڙن لاءِ استعمال ٿيندڙ گئس جو پريشر گهٽائي يا وري لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي پر، صنعتن، سي اين جي اسٽيشنز سميت ٻين ڪاروباري/واپاري مقصدن لاءِ گئس بند ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اندازي مطابق ساڍا ٽي ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي ۽ عوام ذهني عذاب الڳ ڀوڳي رهيو آهي. اوگرا جي هٺ ڌرمي ۽ ديده دليري جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هن سڄي بحران بابت وفاقي حڪومت بي خبر آهي، پيٽروليم وارو وزير غلام سرور خان پاڻ اعتراف ڪري ٿو ته ، هُو اڃا هن بحران کي سمجهي ئي ناهي سگهيو.

هن بحران کان پوءِ سنڌسماءَچار صرف گئس جي پيداوار، گهرج ۽ ان جي ورڇ بابت معلومات گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سوئي سائودرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي هڪ اهم پوسٽ تي ويٺل آفيسر سان رابطو ڪيو، جنهن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ڪجهه ڄاڻ سنڌسماءَچار کي مهيا ڪندي ٻڌايو ته، ”ايس ايس جي سي جي هڪ رپورٽ مطابق ٻه سال اڳ تائين، سڄي ملڪ مان ملندڙ قدرتي گئس ۾ سنڌ مان ملندڙ گئس جو 63 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو شامل آهي. (ان آفيسر مطابق انگن اکرن ۾“ هيراڦيري ٿيل آهي، سنڌ مان ملندڙ گئس 72 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي) رپورٽ مطابق، بلوچستان 17، ڪي پي 7 ۽ پنجاب رڳو 3 سيڪڙو گئس جي پيداوار ۾ شامل آهي“. ان آفيسر ٻڌايو ته، رپورٽ مطابق گئس جي پئداوار ۾ جيڪو حصو پنجاب جو ٻڌايو ويو آهي ان ۾ هٿراڌو واڌ ڪيل آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جو شيئر گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، اهڙو عمل ڪجهه سالن جو نه پر شروع کان اهو عمل هلندڙ آهي. ايس ايس جي سي جي عملدار سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، ”ڪجهه سالن کان گئس جي پئداوار ۾ پرڏيهه مان گهرايل/امپورٽ ڪيل ايل اين جي جو 7 سيڪڙُ به شامل ڪيو وڃي ٿو“.

هن گئس جي استعمال واري سوال تي ترتيب وار صوبن جا انگ اکر ٻڌائيندي چيو ته، ” گهريلو، صنعتن ۽ سي اين جي سميت جيڪا گئس اسستعمال ٿئي ٿي ان ۾ سنڌ کي 46 سيڪڙو، پنجاب ۾ 42 سيڪڙو، خيبرپختونخواه صوبي ۾ 10 ۽ بلوچستان 2 سيڪڙو گئس استعمال ٿي رهي رهي آهي“. هن ٻڌايو ته مختلف وقتن تي صوبن کي ملندڙ گئس مان ڪٽوتگي ڪئي ويندي آهي، جنهن بابت ڪڏهن به واضح طور ڪي انگ اکر ناهن ڏنا ويندا، ڪاغذن ۾ نالي ماتر انگر اکر ظاهر ڪري فائلن جو پيٽ ڀريو ويندو آهي، اهڙي ڪٽوتي اوگرا ۽ گئس ڪمپنيون پنهنجي مرضي مطابق ڪنديون آهن، جنهن ۾ وڏو حصو سنڌ ۽ بلوچستان جو ڪاٽيو ويندو آهي جنهن جو فائدو يقيني طور تي پنجاب کي ئي ملندو آهي“.بلوچستان کي ملندڙ ٻه سيڪڙو يعني 55 ايم ايم سي ايف ڊي گئس مان به، مختلف وقتن تي ساليانو4 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪٽوتي ڪري رڳو 51 ايم ايم سي ايف ڊي مهيا ڪئي ويندي رهي آهي.

”پنجاب ۾ گذريل 3 سالن دوران گئس جو استعمال 1035 ايم ايم سي ايف ڊي مان وڌي 1154 ايم ايم سي ايف ڊي ٿي ويو آهي ۽ اهڙي طرح پنجاب ۾ گئس جي استعمال ۾ 119 ايم ايم سي ايف ڊي واڌ آئي. ٻئي نمبر تي سنڌ ۾ واڌ جي اها شرح 1139 ايم ايم سي ايف ڊي مان وڌي 1256 يعني 117 ايم ايم سي ايف ڊي جو واڌارو ٿيو. سنڌ ۾ گئس جي استعمال ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي ان جو لڳ ڀڳ 72 ڏهائي ٻڙي 3 سيڪڙو شهرن ۾ واڌ آئي آهي، مطلب ڳوٺن يا ٻهراڙي جي جي شهرن ۾ گئس جو استعمال تمام گهٽ وڌيو آهي. گئس جي استعمال جي ان واڌ جي شرح خيبرپختونخواه ۾ 241 ايم ايم سي ايف ڊي مان وڌي 266 ايم ايم سي ايف ڊي ٿي، جنهن ۾ 25 ايم ايم سي ايف ڊي جو واڌارو ٿيو، انهن انگن اکرن جي حساب سان به پنجاب ۾ گئس مهيا ڪرڻ جي شرح به پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي“، اهو چوڻ آهي ايس ايس جي سي جي هڪ اهم عهدي تي ويٺل آفيسر جو. (هن رپورٽ ۾ مليل معلومات ايس ايس جي سي ۾ اهم عهدي تي مقرر هڪ آفيسر طرفان مليل آهي، جنهن آفيسر پنهنجو نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي مهيا ڪئي)

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *