Thursday , April 25 2024

پشاور ۾ مدرسي اندر ڌماڪو، 10 کٿابي شهيد، 100 کان وڌيڪ ڦٽجي پيا

مدرسي ۾ زوردار ڌماڪي کانپوءِ باهه ڀڙڪي پئي، زخمين مان اڪثر جي حالت ڳڻتي جوڳي

پشاور(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) پشاور شهر جي دير ڪالوني ۾ مدرسي اندر تدريس دوران زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 کٿابي شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ ڦٽجي پيا، شهيد طالبن جا مڙهه ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال سميت مختلف نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، مقامي ميڊيا جي نمائندن موجب اڪثر زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، فوتگين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. اڱاري ڏينهن صبح جو دير ڪالوني ۾ قائم مدرسي ۾ درس تدريس دوران اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 7 کٿابي ٿڏي تي شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ ڦٽجي پيا، 3 ڄڻا اسپتال نيئندي زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. ڌماڪي کانپوءِ مدرسي اندر ان جاءِ تي باهه به ڀڙڪي پئي جتي ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي کانپوءِ مدرسي جي مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ کٿابين ۽ انتظاميا شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ان دوران ريسيڪو ٽيمز جي رضاڪارن به امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو.


مدرسي جي هڪ استاد ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، ڌماڪو تمام گهڻو زورائتو هو، مدرسي جي عمارت کي به ن قصان ٿهيو آهي، در، دريون ۽ ڪٻٽن سميت ٻيو نقصان به ٿيو آهي، هن چيو ته صبح جو سوير سان هڪ شخص جنهن جي عمر 40 کان 45 سال هئي، ان سان هڪ ٿيلهو به ساڻ هيو، ڪجهه دير بعد اهو شخص نظر نه آيو ۽ ٿوري ئي دير کانپوءِ ڌماڪو ٿيو. ايس ايس پي ڪينٽ وقارالحسن به ميڊيا سان ڳالهائيندي ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هڪ شخص صبح جو مدرسي ۾ آيو ۽ هڪ ٿيلهو ڇڏي هليو ويو، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ ڌماڪو ٿيو، لڳي ٿو ته ڌماڪو ٽائيم ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پڇئي وڃي، ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو گرام ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڌماڪي جو نوعيت بابت حتمي رپورٽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڏيندو، واقعي واري هنڌ تان، بي ڊي ايس يو، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ اڃا جيڪي به شاهديون ملنديون اهي گڏ ڪيو وينديون، جيڪي جاچ ۾ مددگار ٿابت ٿينديون، مدرسي جي انتظاميا، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور زخمين کي مختلف سپتالن ڏانهن ممنتقل ڪيو ويو هو، هاڻي انهن سمورن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ ڌماڪي بعد باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيلن کي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي، ليڊي ريڊنگ اسپتال جي عملي جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ اچي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *