Friday , April 19 2024

پروفيسر مير محمد شاهه آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو وقتي وي سي مقرر

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) وڏي وزير جو ساراهه جوڳو فيصلو، پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاهه کي آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري، وڏي وزير مراد علي شاهه جي منظوري کانپوءِ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي وقتي يونيورسٽي، آءِ بي اي جي سينئر پروفيسر سيد مير محمد شاهه کي وقتي وي سي مقرر ڪيو ويو آهي، ٻه ڏينهن اڳ وڏي وزير مير محمد شاهه ۽ شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر غلام رضا ڀٽي کي انٽرويوز لاءِ سڏايو هو.

ٻن ڪمرن کان شروع ڪيل آءِ بي اي سکر جو هڪ منظر، جنهن اداري جو نه رڳو ملڪ پر ڏيساور به وڏو نالو آهي

سي ايم هائوس جي ذريعن موجب وڏي وزير ٻنهي پروفيسرز سان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين يونيورسٽي جي معاملن ۽ وي سي شپ بابت انٽرويو ڪيو هو، پروفيسر غلام رضا ڀٽي آءِ بي اي جي وقتي وي سي شپ کان معذرت ڪئي هئي، جنهن بعد وڏي وزير 21هين گريڊ جي سيد مير محمد شاهه کي وقتي وي سي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 22هين جولاءِ تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

پروفيسر مير محمد شاهه آءِ بي اي يونيورسٽي سکر  جي سينئر پروفيسرز مان هڪ آهي، يونيورسٽي جي فئڪلٽي آف بزنس ايڊمنسٽريشن جو سربراهه ۽ هاسٽلز جو پرووسٽ به رهيو آهي، وقتي وي سي مقررر ٿيڻ وقت مير محمد شاهه ڊائرريڪٽر انٽرنيشنل ايڪريڊيئيشنس طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. پروفيسر سيد ميمر محمد شاهه وڏو عرصو آءِ بي اي ڪراچي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر سيد مير محمد شاهه، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول محرابپور مان ڪرڻ بعد ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان انٽر جو امتحان ڏيڻ بعد شاههه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم بي اي ڪئي، جنهن کانپوءِ زيبسسٽ، ملائيشيا جي يونيورسٽي آف اتارا مان تعليم حاصل ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *