Friday , March 29 2024

پبلڪ هيلٿ خيرپور جي آفيسرز کي ڇڏيو ويو ته اُهي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا:سنڌهاءِ ڪورٽ

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سميت ٻين کاتن جي عملدارن جي ڪارڪردگي نيب رپورٽس ۾ ظاهر آهي، هاڻي جيڪڏهن انهن کي ڇڏي ڏنو ته اڳتي هلي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۾ ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ خيرپور ضلعي جي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي 613 اسڪيمن ۾ گهپلن واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ نامزد 112 جوابدار پيش ٿيا.عدالت جوابدارن کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته پنهنجي علائقي ۾ وڃي ڪم ڪرائيندا ته ضمانت ٿيندي، جيڪڏهن ڪم نه ڪرايا ته عبوري ضمانت به ختم ڪري ڇڏينداسين. وڪيل دليل ڏنو ته کاتي وارن ڪم ڪرايا آهن الزام ڪوڙا لڳايا ويا آهن. جنهن تي چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ڪم ڪرايا ويا آهن اهي نيب جي رپورٽس ۾ ظاهر آهن، توهان جي پنهنجي پاڙي ۾ به گندو پاڻي بيٺل آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ وڌيڪ رمارڪس ۾ چيو ته انهن ماڻهن وڏيرن جي چوڻ تي مال ٺاهيو، کين ڇڏي ڏينداسين ته اهي وڏيرن جي چوڻ تي قبرون به کائي کپائي ڇڏيندا.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *